24 سومر , سيپٽمبر 2018

اسپتال ۾ علاج هيٺ حينف عباسيءَ جي طبعيت وڌيڪ خراب، وارڊ سب جيل قرار

Hanifa Abbasi's medicine is more bad, ward-all jealsراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ايفيڊرين ڪيس ۾ عمر قيد جي ڪاٽيندڙ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حنيف عباسي جي اسپتال ۾ طبعيت خراب ٿي وئي جنهن بعد وي آءِ پي وارڊ کي ئي سب جيل قرار ڏنو ويو. حنيف عباسي 5 ڏينهن کان راولپنڊي جي انسٽيوٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي ۾ علاج هيٺ آهي جتي سندس طبعيت وڌيڪ خراب ٿي وئي جنهن بعد کيس ڪرونري ڪيئريونٽ(سي سي يو) منتقل ڪيو ويو آهي. اسپتال ذريعن موجب حينف عباسي کي اسٽنٽ وڌو ويو هو ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيم سندس چيڪ اپ ڪري رهي آهي. ٻئي پاسي پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته اسپتال جي وي آءِ پي وارڊ کي سب جيل قرار ڏنو ويو آهي ۽ ڪنهن کي به حنيف عباسي سان ملڻ جي اجازت ناهي. پوليس اختيارين موجب جيل جو قانون اختيار ڪيو پيو وڃي ۽ جيل پوليس ئي وارڊ ۽ سي سي يو تي مقرر آهي. ياد رهي ته راولپنڊي جي منشيات ٽوڙ واري عدالت  عام چونڊن کان 3 اڳ (21 جولائي) تي ايفيڊرين ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي حنيف عباسي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے