19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪراچي: عوامي مرڪز ويجهو سپر اسٽور ۾ باهه لڳي وئي،  فائر ٽينڊر باهه وسائڻ ۾ مصروف

Karachi: The public center was frozen in an adjacent supermarket, Firefox was engaged in fire extinguishingڪراچي(ويب ڊيسڪ) شاهراهه فيصل تي قائم عوامي مرڪز ويجهو هڪ اسپر اسٽور جي بيسمنٽ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي 6 ڪلاڪ گذرڻ باوجود به قابو نه آندو ويو. پاڪ هوائي فوج جي فائر ٽينڊرن سميت 6 فائر ٽينڊرز باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن. باهه جي شدت سبب صفورا ۽ نيپا هائيڊرنٽ تي ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. دونهين سبب ريسڪيو ٽيم ڪاروائي۾ پريشاني کي منهن ڏئي رهي آهي. گذريل  رات ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي  انڊسٽريل ايريا ۾ فيڪٽري کي لڳل باهه تي ٽن ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ وسائي وئي آهي.انڊسٽريل ايريا ۾ ڪالهه ڪپڙي جي فيڪٽري کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي هئي، جنهن کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو ويو هو .باهه وسائڻ جي عمل ۾ 18 فائر برگيڊ گاڏين حصو ورتو هو، باهه وسائڻ دوران هڪ فائر فائيٽر زخمي به ٿيو هو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے