22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ملڪ ۾ هاڻ ڪو به وي آءِ پي ناهي: ڪي پي ڪي جو وڏو وزير

There is no VP in the country: the Chief Minister of the KPKسوات(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان چيو آهي ته هاڻي ملڪ ۾ ڪو به وي آءِ پي ناهي، سادگي اسان جي پارٽي جو منشور آهي، جنهن تي مڪمل عمل ڪنداسين. سوات ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان چيو ته اسان جو ملڪ غريب آهي، انڪري اسان کي فضول خرچن کان  پاسو ڪندي سادگي اختيار ڪرڻي پوندي، تحريڪ انصاف جو منشور ۾ به سادگي شامل آهي ۽ ان تي عمل ڪنداسين. هاڻ ڪو به وي آءِ پي ناهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ  وزيراعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس ۾ نه رهندا جڏهن ته صدر مملڪت پڻ ايوان صدر ۾ نه رهندو.  محمود خان جو چوڻ هو ته سموري صوبي جو وڏو وزير آهيان، چيلنجن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، ترقي جو سفر اسان جو مقصد آهي، سوات ۾ سياحت جي هٿي وٺرائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خواجه آصف جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي اليڪشن ٽربيونل ۾ چئلينج

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عثمان ڊار مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے