23 آچر , سيپٽمبر 2018

والاريل ڪشمير ۾ هٿياربندن جي فائرنگ: 3 ڀارتي پوليس اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

Armed Forces in Wallarion: 3 Indian soldiers were killed in a suicide attack on a police station سرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري 3 ڀارتي اهلڪارن ۽ هڪ شهري کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽن موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي پلواما ۾ حملي آورن انسپيڪٽر محمد اشرف جي گهر گهڙي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏنو. لوسواني واري علائقي ۾ پوليس اهلڪار محمد يعقوب کي ويجهو کان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.ضلعي ڪلگام ۾ ڪانسٽيبل فياض احمد شاهه کي گوليون هڻي ماريو ويو. ٻئي پاسي ڪپواڙا واري علائقي ۾ هڪ اڻڄاتل شهري جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے