25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ملڪي شوبز ستارن پاران مختلف انداز ۾ مداحن کي عيد الاضحيٰ جون واڌيون

Additionally, fans of various acne supplemented by superb starsڪراچي(شوبز نيوز) عيدالاضحيٰ قرباني ۽ ايثار جو نالو آهي، جنهن کي سڄي دنيا جا مسلمان سنت ابراهيمي جي ادائيگي سان گڏ ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهن، اهڙي ماحول ۾ اسان جا شوبز ستارا پڻ وڏي عيد جون خوشيون پنهنجي پنهنجي خاندان سان گڏ ملهائي ۽ سوشل ميڊيا تي پنهنجون تصويرون ۽ پيغام شيئر ڪيا. فلمي ستارن عيد جي موقعي تي شاندار لباس پهريا ۽ هار سينگار ڪري پنهنجن مداحن کي عيد جون واڌيون ڏنيون. اچو ته ڏسون ٿا اسان جي شوبز ستارن ڪهڙي طرح عيد ملهائي رهيا آهن.ناليواري اداڪار جاويد شيخ پنهنجي خاندان سان گڏ عيد جون خوشيون ٻيڻيو ڪيون،  جنهن جي تصوير سندس نياڻي ۽ اداڪارا مومل شيخ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي. اداڪار شهزوز سبزواري پنهنجي گهرواري ۽ اداڪارا سائرا شهزور ۽ پنهنجي نياڻي سان گڏ عيد تي ورتل تصوير شيئر ڪئي ۽ سڀني کي عيد جون مبارڪون ڏنيون. اداڪار دانش تيمور پڻ پنهنجي گهرواري عائزا ۽ ٻارن سان گڏ عيد ملهائيندي سڀني کي عيد واڌايون پيش ڪيون. عمران عباس پڻ سمورن چاهيندڙن کي عيد مبارڪ ڏني. اداڪارا ماورا حسين سبز رنگ جو شاندار روايتي لباس پهريو ۽ پنهنجي تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪندي لکيو ته نئين پاڪستان پهرين عيد.ان سان گڏ ئي ماورا حسين دعا ڪئي ته خدا اسان جي ملڪ کي بهتر ڏينهن سان نوازي، انشاءَ الله.  اداڪارا زارا نور پن خاندان سان گڏ عيد ملهائي ۽ پنهنجي تصوير مداحن سان شيئر ڪئي. فهد مصطفيٰ پڻ عيد گهروارن سان گڏ ملهائي ۽ پنهنجن مداحن کي عيد واڌيون ڏنيون. مشهور ڊيزائينر ماريا بي پڻ پنهنجي ننڍڙي شهزادي سان گڏ عيد جون مبارڪون پيش ڪيون. مايا علي پنهنجي ڀاءُ سان گڏ عيد جون خوشيون شيئر ڪيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

From the beginning I'm not going to enter the item number: kubra khan

شروع کان چئي رهي آهيان ته آئٽم نمبر نه ڪنديس: ڪبريٰ خان

ڪراچي ( شوبز نيوز ) ويجهڙائي ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”طيفا اِن ٽربل“ جي آئٽم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے