21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ناليوارو ڀارتي صحافي ڪلديپ نائر 95 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو

kuldeep nayar, a reporter of Indian Navy, appeared in the age of 95نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) مشهور ڀارتي صحافي، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن ڪلديپ نائر 95 ورهين جي ڄمار ۾ ديهانت ڪري ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڪلديپ نائر ڪافي عرصي کان بيمار هو ۽ اڄ صبح نئين دهلي جي هڪ اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. 14 آگسٽ 1923 تي پاڪستان جي شهر سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيندڙ ڪلديپ نائر ورهاڱي بعد ڀارت وڃڻ کان اڳ لاهور مان قانون جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪلديپ نائر 1990 ۾ برطانيا ۾ ڀارت جو هاءِ ڪمشنر پڻ رهيو، جڏهن ته کيس ڀارتي جي راجيا سڀا جي ميمبر طور پڻ نامزد ڪيو ويو هو. 2015 ۾کيس صحافتي خدمتن جي اعتراف ۾ ”لائيف ٽائم اچيومنٽ“ ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو. ڪلديپ نائر جي وفات تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پڻ ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام ۾ به ڀارتي فورسز جو ڏاڍ جاري، ٻه ڪشميري شهيد

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز رياستي دهشتگردي جو سلسلو جاري رکندي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے