19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڪوٽڏيجي: عيد جي ڏينهن مختلف روڊ حادثا، 2 نوجوان فوت، 42 زخمي

Kotangi: Different road accidents on the day of Eid, 2 young people died, 42 injuredڪوٽڏيجي(ويب ڊيسڪ)ڪوٽڏيجي  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾  عيد جي ڏينهن مختلف روڊ حادثن ۾ 2 نوجوان فوت 42 ڄڻا زخمي ٿي پيا.اولڊ نيشنل هائي وي تي  حادثي ۾ علي رضا ملاح فوت ٿي ويو ،جڏهن ته نذير چاڪراڻي، سائين ڏنو چاڪراڻي، رفيق چنا ۽  اياز چنا سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا .راڻيپور شگر مل ڀرسان ڪار ۽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ شاهنواز خواجه فوت  ٿي ويو جڏهن ته علي شير خواجا ۽ نينگر  حاجي خواجه زخمي ٿي پيا. جسڪاڻي لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ امجد جميل سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا .نئگريجا راڻيپور روڊ تي ڪار ۽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ دلبر، صدورو ۽  اسماعيل چنا سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا .مهراڻ هائي وي تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  جبار موسي محبوب گوپانگ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.محمود شاهه اسٽاپ وٽ  ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾  صديق ڦلپوٽو سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڪوٽڏجي نارو روڊ تي ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ اسماعيل  ۽ اجمل شر سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.حسين آباد اسٽاپ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾  ٽڪر  سبب پرديپ ڪمار سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته خيرپور شگر مل لنڪ روڊ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر سبب صدوري، نجمه ۽ ذوالفقار علي زخمي ٿي پيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Muharram-ul-Haram Jalos, mobile services closed in different cities

محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾  8 محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے