21 جمعو , سيپٽمبر 2018

باليووڊ جي ستارن پاران سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد الاضحيٰ جون واڌايون

Adult addictions to the whole world of Muslims by Bollywood starsممبئي(شوبز نيوز) عيدالاضحيٰ جي پرمسرت موقعي تي باليووڊ جي ناليوارن اداڪارن سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد تي واڌايون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. سڄي دنيا ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش جذبي سان ملهائي پئي وڃي ۽ ان پرمسرت موقعي تي جتي سڀئي پنهنجي چاهيندڙن کي عيد جو واڌيون ڏئي رهيا آهن اتي باليووڊ جي ستارن پاران پڻ پنهنجن مداحن کي عيدالاضحيٰ جون واڌيون ڏنيو آهن. باليووڊ جي ليجنڊري اداڪار رشي ڪپور مداحن کي ٽوئيٽر تي عيد جون مبارڪون ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلمانن کي عيد مبارڪ.باليووڊ سلطان سلمان پڻ ٽوئيٽر جو سهارو وٺندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد جون واڌيون ڏنيون باليووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ جي نالي سان مشهور اداڪار عامر خان پڻ عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اڀيشيڪ بچن پڻ ٽوئيٽر تي تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ عيد جون وڌايون ڏنيون ويون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The film debates on the film 'thugs of hindostan' at the beginning of the role of Amitabh Bachchan

فلم ٺگز آف هندوستان ۾اميتاڀ بچن جي ڪردار جي پهرين جهلڪ جاري

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي ايندڙ وڏي بجيٽ واري فلم” ٺگز آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے