19 اربع , سيپٽمبر 2018

جنهن کي ڪرپشن ڪرڻي آهي اهو ٻئي صوبي ۾ پنهنجي جاءِ ڳولهي: پنجاب جو وڏو وزير

The one who is corruption is found in his second place in the province: Chief Minister of Punjabلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوذدار چيو آهي ته ڪرپشن بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جنهن کي ڪرپشن ڪرڻي آهي اهو ٻئي صوبي ڏانهن هليو وڃي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عثمان بوذدار چيو ته عمران خان جو ٿورائتو آهيان جنهن مونکي وڏوزارت لاءِ نامزد ڪيو، پٺتي پيل علائقي جي نمائندگي ڪرڻ منهنجو ميرٽ آهي. پاڪستان جو ايجنٽ آهيان ۽ پاڪستان جو ايجنٽ ٿي ڪم ڪندس. اسان جو مقصد رڳو ڪم، ڪم ۽ ڪم آهي. ڪرپشن بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي، نه اسان ڪرپشن ڪنداسين ۽ ڪنهن کي ڪرڻ ڏينداسين، جنهن کي ڪرپشن ڪرڻي آهي اهي ڪنهن ٻئي صوبي ۾ پنهنجي جاءِ ڳولهين. پنجاب جي وڏي وزير چيو ته تبديلي آڻڻ ڪو آسان ڪم ناهي، ان لاءِ ڀرپور محنت ڪنداسين، پورو نظام ٺيڪ ڪنداسين، اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙينداسين، سمورن ادارن کان بريفنگ وٺنداسين. ڪي پي ڪي جيان پنجاب ۾ به پوليس اصلاحات آڻينداسين، عوام کي تبديلي نظر ايندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Imran Khan's visit will meet with the pledge, today the Saudi King today, on the messenger

عمران خان جي روضي رسول تي حاضري، اڄ سعودي بادشاهه، ولي عهد سان ملاقات ڪندو

مڪو شريف ( ويب ڊيسڪ ) وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جي ٻن ڏينهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے