20 خميس , سيپٽمبر 2018

انصاف واري عالمي عدالت ڪلڀوشن ياديو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو

The International Court of Justice declared remedial cases to be heardاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)انصاف واري عالمي عدالت پاڪستان ۾ گرفتار ٿيندڙ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو بابت ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڪلڀوشن ياديو ڪيس ايندڙ سال فيبروري ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب انصاف واري عالمي عدالت ۾ فيبروري 2019 ۾ هڪ هفتو روزاني بنيادن تي ڪلڀوشن ياديو ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي. عالمي عدالت ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ڪلڀوشن ياديو ڪيس ۾ ٻه ، ٻه جواب جمع ڪرايا آهن. پاڪستان پنهنجن جمع ڪرايل جوابن ۾ ڀارت جي سمورن اعتراضن جا جواب ڏنا هئا. پاڪستان پهريون جواب 13 ڊسمبر ۽ ٻيو جواب هلندڙ سال 17 جولائي تي جمع ڪرايو هو. واضح رهي ته ڪلوڀوشن ياديو کي 3 مارچ 2016 تي بلوچستان جي علائقي مان گرفتار ڪيو ويو هو، مٿس پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ جاسوسي جا سنگين الزام آهن ۽ ڀارتي جاسوس سمورا الزام جو مجسٽريٽ اڳيان اعتراف پڻ ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے