21 جمعو , سيپٽمبر 2018

صدر پاران قوم کي عيد الاضحيٰ جو مبارڪون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي اطاعت خدواندي ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جي يادگار آهي، اڄ جي ڏينهن انهن عظيم نبي سڳورن اطاعت ۽ ايثار ۽ قرباني جو لازوال مثال پيش ڪيو هو، اهو عمل قيامت تائين هڪ مشعل راهه جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي ته وڏن مقصدن کي مڪمل ڪرڻ ۽ هن دنيا کي ڏکن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي پياري شيءَ پوءِ ڀلي اولاد کي پڻ قربان ڪرڻو پوي ته ان کان پاسو نه ڪيو وڃي، دنيا کي ڏکين مسئلن جي چنبي مان ڪڍي امن ۽ محبت ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻائڻ لاءِ پنهنجي سڀ کان پياري شيءَ جي قرباني لازمي آهي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي جاري پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته آئون عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي پاڪستاني قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعاگو آهيان ته پاڪستاني قوم ۽ پوري اسلامي امت جون عبادتون ۽ قربانيون قبول ۽ منظور فرمائيندي انهن کي اسان لاءِ پنهنجي رضا حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻائي. هن چيو ته عيدالاضحيٰ حضرت ابراهيم عليه السلام جي اطاعت خدواندي ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي تسليم ۽ رضا جي يادگار آهي. اڄ جي ڏينهن انهن عظيم نبي سڳورن اطاعت ۽ ايثار ۽ قرباني جو لازوال مثال پيش ڪيو هو. اهو عمل قيامت تائين هڪ مشعل راهه جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي ته وڏي مقصد جي تڪميل ۽ هن دنيا کي ڏکن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ پنهنجي پياري شيءَ پوءِ ڀلي اولاد کي به قربان ڪرڻو پوي ته ان کان پاسو نه ڪيو وڃي، ان سلسلي ۾ ارشاد باري تعاليٰ آهي توهان صه انهن کي چئو ته منهنجي نماز، منهنجي قرباني، منهنجي زندگي ۽ موت سڀ الله رب العالمين لاءِ آهي. (القرآن). هن چيو ته عبادت جي اها ئي روح آهي ته هن ڏکن سان ڀريل دنيا کي جنت جو نمونو بڻائي سگهي ٿي ڇو ته جان ۽ مال جي ان قرباني ذريعي انسان کي پنهنجي انا قربان ڪرڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي جيڪا مسئلن جي اصل جڙ آهي. صدر چيو ته هن دنيا جا مسئلا ڀلي انهن جي نوعيت اندروني هجي، ڀلي پرڏيهي ۽ عالمي، انهن سڀني جو ضمير انهي مرض سان اٿيو آهي. دنيا کي انهن ڏکين مسئلن جي چنبي مان ڪڍي امن ۽ محبت ۽ ڀائيچاري جو گهوارو بڻائڻ لاءِ پنهنجي سڀ کان پياري شيءَ جي قرباني لازمي آهي جن ۾ جان ۽ مال کانسواءِ راءِ ۽ مفادن سميت سڀ ڪجهه شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …