21 جمعو , سيپٽمبر 2018

ملڪ مان ڏوهه ختم ڪرڻ چاهيان پيو، پر ريلوي جي وزارت ملي وئي: شيخ رشيد

Wanted to eradicate from the country, but the railway ministry was received: Sheikh Rashidراولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ مان ڏوهه ختم ڪرڻ چاهيان پيو پر ريلوي جي وزارت ملي وئي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته منهنجي بدنصيبي آهي جو نيب جان اڌ ڪيس ريلوي تي آهن. ملڪ مان ڏوهه ختم ڪرڻ چاهيان پيو پر ريلوي جي وزارت ملي وئي، سندس چوڻ هو ته ريلوي خسارو گهٽ ڪري ڏيکاريندس، نفعو به ڏيندس ۽ روزگار به. شيخ رشيد وزيراعظم جي تقرير کي زندگي  جي سڀ کان بهترين تقرير قرار ڏيندي چيو ته عمران خان عوام جي اصل مسئلن جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته اسان خدمت ڪنداسين، 18 ڪلاڪ ڪم ڪنداسين ڇاڪاڻ  جو اسان کي ملڪ جو نقشو تبديل ڪرڻو آهي. ريلوي واري وزير چيو ته 25 نئيون ڪميشن ٺهن تڏهن ملڪ مان ڪرپشن جو خاتمو ٿي سگهي ٿو. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ شيخ رشيد 32 ريلوي اسٽيشنون اپ گريڊ ڪرڻ ۽ 20 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے