19 اربع , سيپٽمبر 2018

ن ليگ پيپلز پارٽي تي اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي: شاهه محمود قريشي

PML-N to hold back the name of Aitzaz Ahsan, Shahbaz Mahmood Qureshiملتان(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته نون ليگ پيپلز پارٽي تي نامزد صدارتي اميدوار  اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي. ملتان ۾ عيد نماز پڙهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلز پارٽي اعتزاز احسن جو نالو صلاح مشوري کانپوءِ ئي صدارتي اميدوار لاءِ نامزد ڪيو هوندو. سندس چوڻ هو ته اعتزاز احسن جو سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ وارو ڪردار ساراهه جوڳو آهي ۽ اعتزاز احسن سياست جو محافظ آهي. هن چيو ته مسلم ليگ ن پيپلز پارٽي تي اعتزاز احسن جو نالو واپس وٺڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي، جيڪڏهن اعتزاز احسن جو نالو واپس ورتو ويو ته نظرياتي سياست کي دفن ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدارتي اميدوار عارف علوي جي حوالي سان چيو ته هو وچين طبقي سان واسطو رکندڙ سياستدان آهي. هن چيو ته حڪومتون پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ تي ڪو به ڌيان ڏنو، وزيراعظم چئي چڪو آهي ته ڊيم ٺاهڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين. ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلز پارٽي جي 5 ورهيه حڪومت رهي، هو چاهين ها ته ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهي سگهن پيا شايد انهن وٽ اڪثريت نه هئي. هن چيو ته قمرزمان ڪائرا ڏکڻ پنجاب صوبي بابت دنشوراڻو بيان ڏنو هو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي حڪومت کي به ڏکڻ پنجاب صوبي واري معاملي تي سينيت ۽ قومي اسمبلي ۾ اڪثريت گهرجي. هن چيو ته پنجاب اسمبلي ۾ به ڏکڻ پنجاب صوبي واري معاملي تي اڪثريت ۽ اتفاق راءِ گهرجي، سياسي پارٽين سان ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ  صلاح مشوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اميد آهي ته پيپلز پارٽي ڏکڻ پنجاب صوبي تي اڳڀرائي ۾ سهڪار ڪندي. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ مقامي سياسي تحريڪ ۽ انساني صورتحال کان سڄي دنيا واقف آهي. ڪوشش آهي ته سنجيدگي سان پاڪ-ڀارت مسئلا حل ڪيون. آمريڪا ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي جي تڪليفن ۽ خاندان جي ڏک جو احساس آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته قانوني گهرجن جو خيال رکڻو پوندو آهي، ڪوشش آهي ته ڊاڪٽر عافيه صديقي کي وطن واپس وٺي اچون. ملڪ ۾ جاري پاڻي بحران تي پرڏيهي وزير جو موقف هو ته ملڪ ۾ پاڻي جو مسئلو ڪوتاهين سبب سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي. پرڏيهي ملڪ ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حوالي سان شاهه محمود قريشي چيو ته اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ واري خواهش پوري ٿي آهي. هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن بابت سوال تي پرڏيهي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا گستاخ خاڪن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته پهرين ڏينهن عهدو سنڀاليندي ئي پرڏيهي سيڪريٽري کي هدايت پڻ ڪئي آهي ته او آءِ سي ملڪ گڏجي آواز اُٿاريندا ته ان ۾ جان هوندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے