26 اربع , سيپٽمبر 2018

قربانيءَ واري عيد ۽ قربانيءَ جو مقصد …

اڄ 10- ڊوالحج آهي ۽ سڄي دنيا ۾ اسلام جا اربين پوءِ لڳ حج جي سعادت حاصل ڪرڻ بعد قربانيءَ جو فرضَ به سرانجام ڏئي رهيا آهن، حج اسلام جي پنجن رڪنن مان هڪ آهي، جنهن جي شروعات حضور صلعم جن جي دور ۾ ٿي ۽ پاڻ ان جي شروعات ڪيائون. حج جا سمورا رڪن پورا ڪرڻ بعد حاجي مڪي پاڪ لڳ منيٰ ۾ ڪنهن صحت مند ۽ تندرست جانور کي الله جي رضا لاءِ قربان ڪندا آهن جو الله سائين کي قربانيءَ جو اهڙو عمل بي انتها پسند آهي، جڏهن ته سڄي دنيا ۾ اسلام جا پوئلڳ قربانيءَ جو فرض ادا ڪرڻ لاءِ صحت مند ۽ تندرست

جانور جي قرباني ڪندا آهن، اهڙي نموني حج جو فرض به پورو ٿي وڃي ٿو ۽ قربانيءَ جو فرض به ادا ٿي وڃي ٿو.

جانورن کي قربان ڪرڻ جي رسم اسلام کان اڳ جاهليت واري دور ۾ پڻ ادا ڪئي ويندي هُئي، تڏهن جانور جي قرباني ڪرڻ جو مقصد ڪنهن من گهڙيل خدا جو راضپو حاصل ڪرڻ هوندو هو ، قربان ڪيل اهڙي جانور کي ڪنهن بت يا ديوتا جي سامهون رکيو ويندو هو يا ڪنهن جبل يا پهاڙ تي ڦٽو ڪيو ويندو هو، ان وقت جڏهن اڃان اسلام جو ظهور نه ٿيو هو تڏهن غير الله جي نالي ڪيل اهڙي قربانيءَ جو مقصد آفتن ۽ تباهين کان محفوظ رهڻ هوندو هو.

قربانيءَ جي فلسفي ۾ بنيادي تبديلي حضرت ابراهيم عليه السلام پاران پنهنجي پياري پُٽَ حضرت اسماعيل عليه السلام کي الله جي رضا ۾ قربان ڪرڻ واري واقعي بعد آئي ۽ قربانيءَ جو سمورو فلسفو ئي تبديل ٿي ويو. حضرت ابراهيم عليه السلام خدا جا پيارا پيغمبر هيا ۽ کين خدا پاران پير سنيءَ ۾ حضرت اسماعيل عليه السلام جي صورت ۾ پُٽَ جو اولاد عطا ڪيو ويو هو ، حضرت اسماعيل عيله السلام جيئن ته حضرت ابراهيم عليه السلام جو اڪيلو پُٽُ هو جيڪو پيرسنيءَ ۾ پيدا ٿيو هو تنهنڪري کيس تمام گهڻو پيارو هو، حضرت اسماعيل عيله السلام جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن حضرت ابراهيم السلام جي دل ۾ کيس لاءِ پيار وڌندو ويو. الله سائين پنهنجي اهڙي پياري نبيءَ جو امتحان وٺڻ پئي چاهيو ته حضرت اسماعيل عليه السلام سندس تابع آهي يا نه، هو مون سان پيار ڪري ٿو يا نه، هو منهنجي کي حڪم مڃي ٿو يا نه تنهنڪري الله سائين حضرت ابراهيم عليه السلام کان امتحان وٺڻ جو پهه ڪيو  ۽ هڪ رات الله سائين کيس خواب ۾ پنهنجي پُٽَ حضرت اسماعيل عيله السلام کي سندس نالي تي قربان ڪرڻ جو حڪم ڪيو.

حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي اهڙي خواب کان پنهنجي پياري پُٽَ حضرت اسماعيل عليه السلام کي واقف ڪيو جنهن کيس چيو، اوهان کي الله سائين جيڪو حڪم ڪيو آهي اوهان ان جو پوئواري ڪريو مان قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهيان، مان رب جي رضا لاءِ صبر ۽ شُڪر ڪندس. حضرت اسماعيل عليه السلام جي اهڙي جواب بعد، حضرت ابراهيم عليه السلام کيس الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ جي تياري ڪئي. قربانيءَ وقت شيطان حضرت ابراهيم عليه السلام جي من ۾ ڪيئي وسوا ۽ خيال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن حضرت ابراهيم پنهنجي اهڙي ارادي تان پٺتي هٽي وڃي، شيطان حضرت اسماعيل عليه السلام ۽ حضرت حاجره جي من ۾ به ڪيئي وسوا پيدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پر شيطان ڪامياب ٿي نه سگهيو ۽ حضرت ابراهيم عليه السلام تکي ڇري حضرت اسماعيل عيله السلام جي ڳلي تي رکي ان کي ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها ڇري حضرت اسماعيل عليه السلام جو ڳلو ڪپي نه سگهي ۽ ايتري ۾ جنت مان فرشته هڪ صحت مند گهٽي کي کڻي زمين تي حاضر ٿيا جڏهن حضرت ابراهيم عليه السلام ٻيهر حضرت اسماعيل عيله السلام جي ڳلي تي ڇري وهائي ته ان ڇريءَ فرشتن جي جنت مان آندل گهٽي جو ڳلو ڪپي ڇڏيو ۽ جڏهن حضرت ابراهيم ڪنڌ ورائي ڏٺو ته سندس ڀرسان ئي حضرت اسماعيل عليه السلام ويٺل ڏسڻ ۾ آيو ۽ سندس ڇريءَ سان گهٽي جو ڳلو ڪپيل ڏسڻ ۾ آيو ، ايتري ۾ کيس الله سائين جو ڪلام ٻڌڻ ۾ آيو، ” اي…ابراهيم عليه السلام اوهان سچا آهيو، اوهان خواب سچ ڪري ڏيکاريو“،

هيءُ آهي قربانيءَ جو اهو فلسفو جيڪو الله جي راهه ۾ پنهنجي پياري کان پياري شيءِ کي قربان ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو، انهيءَ قربانيءَ جي سموري فلسفي جو مقصد الله جي رضا حاصل ڪرڻ آهي، اسان جيڪڏهن اسلام سميت دنيا جي ٻين مذهبن جو به مطالعو ڪنداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته ” الله“ تعاليٰ جي ذات جو راضپو هڪ نه پر ڪيترن عملن سان ممڪن آهي، هڪ عمل اهو هو جيڪو حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پُٽ جي قرباني ڏيڻ سان اختيار ڪيو، پر ان سان گڏ ” الله“ تعاليٰ جي ذات کي راضي ڪرڻ جو هڪ ٻيو پهلو اهو به آهي ته ” الله“ تعاليٰ جي ٻانهن جي خدمت ڪئي وڃي، ڇو جو خود ” الله“ تعاليٰ جي ذات کي اها ڳالهه وڌيڪ پسند آهي ته سندس مخلوق سان پيار ڪيو وڃي، سندس ٻانهن جو خيال ڪيو وڃي، سندس انسانن جو احساس ڪيو وڃي.

قربانيءَ جي عيد جي هن موقعي تي اسين سڄي دنيا جي انسانن کي خاص ڪري مسلمانن کي گذارش ڪنداسين ته هو قربانيءَ جي فلسفي کي ياد ڪندي ” الله“ تعاليٰ جي ذات کي راضي ڪرڻ لاءِ جانورن جي قرباني ڀَلِ ڪن پر هو پنهنجي ڀرپاسي، پاڙي، ڳوٺ توڙي شهر ۾ رهندڙ غريب ماڻهن کي پنهنجي عيد جي خوشين ۾ ضرور شريڪ ڪن ته جيئن سندن رب به راضي ٿئي ۽ رب جا انسان به راضي ٿين ۽ قربانيءَ جو اصل حق ان جي حقيقي روح جي تقاضائن سميت ادا ٿي وڃي.

اربع 22 آگسٽ  2018ع، 10 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪربلا جو واقعو ۽ حق جي فتح

ڪربلا جو واقعو سموري اسلامي تاريخ ۾ هڪ انتهائي اهم ۽ عظيم تاريخي واقعي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے