26 اربع , سيپٽمبر 2018

مردان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو: فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا

Manan Jahad in two daughters: Five people were killed in firingمردان(ويب ڊيسڪ) مردان ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا قتل ۽ 6 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب فائرنگ جو واقعو مردان جي علائقي  طورو ۾ پيش آيو. پوليس اختيارين موجب  هڪ ئي خاندان جي ٻن ڌرين ۾ ذاتي دشمني هلي رهي هئي ۽ اڄ به جانور قربان ڪرڻ واري معاملي تان شروع ٿيندڙ تڪرار فائرنگ ۾ تبديل ٿي ويو. پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن ڌرين جا ٻه ٻه ۽ هڪ واٽ ويندڙ مارجي ويا. واقعي ۾ سخت زخمين کي طبي امداد لاءِ پشاور منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته معمولي زخمين کي مردان ميڊيڪل ڪمليڪس ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحو: شريف ڀائرن سميت 12 شخصيتن جي طلبي جي درخواست رد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ ماڊل ٽائون سانحي ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے