24 سومر , سيپٽمبر 2018

عارف علوي جي متحدا اڳواڻن سان ملاقات، تحريڪ انصاف سان سهڪار جاري رهندو: خالد مقبول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي نامزد صدارتي اميدوار عارف علوي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي پارٽي آهي، اسان پنهنجي ڳالهه متحدا جي سامهون رکي آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عارف علوي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مرڪز جو ڪري متحدا اڳواڻن سان صدارتي چونڊ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کانپوءِ ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عارف علوي چيو ته ملاقات ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، موجوده سياسي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته نئين پاڪستان بابت عوام اسان ڏانهن واجهائي رهيو آهي، ڪراچي جا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي ضرورت آهي، مڪاني ادارن جي اختيارن بابت ايم ڪيو ايم جي پٽيشن جي مڪمل حمايت ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته مان ماضي جي صدرن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس، ڪراچي ۽ ٻين شهري مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي آهي، سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ آئين جي عڪاسي نٿو ڪري. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته پي ٽي آءِ ۽ متحدا وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو آهي، پنهنجي پنهنجي اصولن سان گڏ محدود رهي سهڪار جاري رکبو، اميد ته سنڌ جي شهري علائقن کي وسيلا ملندا. هن چيو ته اسان عارف علوي کي نه اڳ مايوس ڪيو آهي ۽ نه اڳتي ڪنداسين، وقت سان گڏ مسئلا حل ٿي ويندا، اسان کي چونڊن تي خدشن جو حق حاصل آهي، جيڪي خدشا آهن، انهن تي قائم آهيون. سندس چوڻ هو ته بهتر پاڪستان لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، ڪراچي جي بهتري ملڪ جي بهتري آهي، تحريڪ انصاف سان جيڪو سهڪار قومي اسيمبلي ۾ ڪيو، اهو هر هنڌ جاري رهندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۾ 14 لک افغان پناهگير رهن ٿا، انگ اکر جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے