22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ايف آءِ اي ٽن مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ گهرو وزارت کي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سال جي پهرين ٽن مهينن جي ڪارڪردگي رپورٽ گهرو وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي. وزيراعظم ايف آءِ اي کي سنئون سڌو ڪنٽرول ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، جڏهن ته ايف آءِ اي به سال جي پهرين ٽن مهينن جي رپورٽ گهرو وزارت حوالي ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ پهرين جنوري کان 31 مارچ تائين جي ڪارڪردگي جا تفصيل شامل آهن. رپورٽ موجب ايف آءِ اي بارڊر مئنيجمينٽ سسٽم ذريعي اي سي ايل جي 59، بليڪ لسٽ جي 139، انٽرپول جي 25 گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو، مختلف سرڪاري کاتن جي 1107919 ڪيوريز جو جواب ڏنو. ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ 86 نوان ڪيس رجسٽرڊ ۽ 63 چالان عدالتن ۾ جمع ڪرايا، اڪنامڪ ڪرائيم ونگ 133 ڪيسز رجسٽرڊ 93 جو چالان عدالت ۾ پيش ڪيو. ايف آءِ اي کي 87 پاڪستاني شهرين خلاف انٽرپول طرفان ريڊ نوٽيس وصول ٿيا. 26 پاڪستاني شهريت رکندڙن کي ڏيهه موٽايو ويو، جڏهن ته 26.4 ڪروڙ رپين جي ريڪوري به ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے