21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سڌوءَ بهادري جو مظاهرو ڪيو، ڀارت پاليسين تي نظرثاني ڪري: پرڏيهي وزير

ملتان (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان قوم کي خطاب ۾ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪئي ۽ عوام سندس خطاب کي ساراهيو. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ جون معاشي حالتون ڪنهن کان لِڪل ناهن، پرڏيهي مسئلا به قوم سامهون آهن، عمران خان ماڻهن جي جذبن جي ترجماني ڪري رهيو هو، ٽيم سندس وِزن اڳتي وڌائيندي. اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو جي حوالي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته سڌو ڀارت جو ناليوارو رانديگر رهيو آهي، هن صاف لفظن ۾ چيو ته جيڪا محبت کڻي آيس، ان کان وڌيڪ محبت واپس کڻي وڃي رهيو آهيان، حالتون تبديل ڪرڻ لاءِ جرئت جي ضرورت هوندي آهي ۽ سڌو بهادري جو مظاهرو ڪيو، هر معاشري ۾ تنگ نظر ماڻهو هوندا آهن، جيڪي خوف ۾ ورتل هوندا آهن، ڪجهه ماڻهو هاڪاري ۾ به ناڪاري پهلو تلاش ڪندا آهن، سڌو جن جذبن جو اظهار ڪيو، انهن کي سمجهڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته سڌو روانگي کان اڳ جيڪو ڪجهه چئي ويو آهي ان تي غور جي ضرورت آهي، سرحد تي ڀڃڪڙي ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي، ايل او سي جي سيز فائر برقرار رهڻ ٻنهي ملڪن جي فائدي ۾ آهي، جارحاڻيون ڳالهيون ڪندڙ ٻڌائين ته ڳالهين کانسواءِ ڪو ٻيو رستو آهي؟ هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پاڻي بحران جنم وٺي رهيو آهي، گڏجي حل نه ڳولينداسين ته مسئلو ڪير حل ڪندو؟ ڪشمير مسئلو ڪنهن کي ڏسڻو آهي، اها ڪنهن جي ذميواري آهي؟ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ڀارت جي به ذميواري آهي، پاڙيسري ملڪ جو وڏو طبقو سمجهندو آهي ته ڀارت کي پنهنجون پاليسيون تبديل ڪرڻيون پونديون، ڀارت جي جارحاڻي پاليسي جا نتيجا حاصل ناهن ٿيا، ان کي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. آمريڪا بابت ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته واشنگٽن ۽ اسلام آباد جي سفارتي لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ آهي، ٻئي ملڪ هڪٻئي جي گهڻا ويجهو رهيا آهن، لاها چاڙها رهيا آهن پر آمريڪا سان اعتماد بحال ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، آمريڪا کي جيڪي چئلينج آهن، انهن جي حل لاءِ پاڪستان اهم آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ دهشتگرد واقعن جا تفصيل گڏ ڪري رهيا آهيون، اتي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو مذمت جوڳو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے