24 سومر , سيپٽمبر 2018

ملڪ جي وزيراعظم طور عمران خان جو پهريون نوٽيس

Imran Khan's first notice as the Prime Minister of the countryاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان جو ڪينسر ۾ وڪوڙيل ٽيبل ٽينس جي پليئر مهڪ انور جي بيماري جو نوٽيس ورتو آهي. وزارت اعظميٰ جو عهدو سنڀالڻ بعد عمران خان جو اهو پهريون نوٽيس آهي. سڌ سماءَ ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وزيراعظم ميڊيا تي ٽيبل ٽينس جي پليئر مهڪ انور جي بيماري جي حوالي سان هلندڙ خبرن جو نوٽيس ورتو آهي.فواد چوڌري موجب وزيراعظم مهڪ انور جي بيماري جا تفصيل پڻ طلب ڪيا آهن. فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ سان گڏ هڪ ويڊيو پوسٽ ڪئي آهي جنهن موجب مهڪ ڪينسر جهڙي موذي بيماري ۾ مبتلا ۽ ڪراچي جي آغا خان اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. مهڪ انور جي والد وزيراعظم عمران خان کان اپيل ڪئي هئي ته هو مهڪ جي علاج ۾ سهڪار ڪري. هڪ ويڊيو ۾ مهڪ جي والد چيو آهي ته منهنجي وزيراعظم عمران خان کي اپيل آهي ته هو رانديگر هئڻ جي حيثيت ۾ مهڪ انور جو علاج ۾ اسان سان سهڪار ڪري ۽ مهڪ جي حياتي بچائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے