23 آچر , سيپٽمبر 2018

بيجنگ ۾ ورلڊ روبوٽ ڪانفرنس ۾ ڪيترائي نوان روبوٽ متعارف ڪرايا ويا

Many new robots were introduced in the World Robot Conference in Beijingبيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين ۾ چئن ڏينهن واري عالمي روبوٽ ڪانفرنس 2018 جي رنگارنگ پڄاڻي ٿي، جنهن ڪيترائي نوان روبوٽ متعارف ڪرايا ويا جن کي ڏسي ماڻهو دنگ رهجي ويا. ورلڊ روبوٽ ڪانفرنس ۾ جتي رقص ڪندڙ ”ڊانسنگ روبوٽ“ ۽ گيت ڳائيندڙ” روبوٽڪ بينڊ“ آيل مهمانن کي ڀليڪار چيو ته اتي ئي ”ٽيچر روبوٽ“ ٻارن کي حقيقي استاد وانگر پڙهايو ۽ ”ڊاڪٽر روبوٽ“ حاضرين جو طبي معائنو ڪيو،”ويڙهاڪ روبوٽ“ جنگ جي ميدان جا منظر پيش ڪيا ته ”چمڙي روبوٽ“ پنهنجي اُڏام سان ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو. اهو احوال بيجنگ ۾ 15 کان 19 آگسٽ تائين جاري رهندي ” ورلڊ روبوٽ ڪانفرنس 2018“ جو آهي جنهن جي پڄاڻي ڇنڇر ڏينهن شاندار تقريب سان ٿي. دنيا جي هن انوکي نمائش ۾ 166 مقامي ۽ عالمي ڪمپنين جي 500 کان وڌيڪ تخليقي شين کي نمائش لاءِ پيش ڪيوويو جن جي مداحن تمام گهڻي تعريف ڪئي. رقص ڪندڙ روبوٽن نمائش ۾ شرڪت ڪندڙ کي ڀليڪار چيو ۽ اسٽيج تي وڻندڙ رقص پڻ پيش ڪيو ۽ جڏهن ته هڪ روبوٽ بينڊ پنهنجين ڪمپوز ڪيل ڌنن تي گيت پيش ڪيا. ان بينڊ ۾ موسيقي جا ساز وڄائيندڙ به روبوٽ ئي هئا.اهڙي طرح ڪمپني چمڙي سان مشهابت رکندڙ روبوٽ پڻ متعارف ڪرايو جيڪو تمام تيز رفتار سان اُڏام ڀرڻ جي صلاحيت رکي پيو. ڪانفرنس ۾ ٻارن کي تعليم ڏيندڙ” ٽيچر روبوٽ“  پڻ موجود هو جيڪو ٻارن جي بنيادي تعيلم ۽ لفظن جي ذخيرير ۾ اصافو ڪرڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. اهڙي طرح ”ويڙهاڪ روبوٽ“ پڻ سڀني جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيوجيڪو مڪو هڻڻ، فائرنگ ڪرڻ ۽ جنگ دوران شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ جي صلاحيتن سان مالامال هو. ڪانفرنس ۾ حاضرين لاءِ ذهني ۽ جسماني آزمائش جا مقابلا پڻ رکيا ويا هئا جڏهن ته ڪجهه مقابلن ۾ روبوٽن پڻ حصو ورتو جهن سان مداح تمام گهڻو محفوظ ٿيا، چين روبوٽ ٽيڪنالوجي ۾ پنهنجو سڪو ڄمائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو آهي ۽ اها ڪانفرنس ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سانگ سنگ پهرين ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏي

سيوئل (ويب ڊيسڪ) سام سنگ خاموشيءَ سان پنهنجي پهرين ٽن ڪئميرائن واري سمارٽ فون متعارف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے