25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسڪائپ اينڊٽو اينڊ انڪرپشن فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو

Introduced skype and interest featureڪراچي(ويب ڊيسڪ) هلندڙ سال جنوري ۾ اسڪائپ پاران اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ هاڻ ان کي سڄي دنيا جي وهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي.واٽس ايپ 2016 ۾ واهپيدارن جي پيغامن جي تحفظ لاءِ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن جو فيچر متعارف ڪرايو هو. ڪمپني ان کي پرائيويٽ ڪنورزيشن جو نالو ڏنو آهي ۽ آءِ او ايس، اينڊرائيڊ، ميڪ ۽ ونڊوز ڊيسڪ ٽاپ سسٽمن جا واهپيدار  ان کي استعمال ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ واهپيدارن کي گهربل ڪانٽيڪٽ جي پروفائل ۾ ڪمپوز مينيو ۾ وڃي نيو پرائيويٽ ڪنورزيشن کي سليڪٽ ڪرڻو پوندو. ائين ڪرڻ سان ٻئي واهپيدار وٽ هڪ انوائيٽ ويندو، جنهن بعد سموريون ڪالز ۽ ڳالهه ٻولهه اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽ ٿي وينديون. پر واهپيدار هڪ ڊيوائس تي هڪ وقت ۾ رڳو هڪ چيٽ ئي انڪرپٽ ڪري سگهندا. اسڪائپ ۾ هوئين ته ڪافي عرصي کان ڪنهن قسم جي انڪرپشن ڏني وئي پئي وڃي جيڪا ڪميونيڪشن چينيل کي تحفظ فراهم ڪندي آهي. پر اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن وڌيڪ محفوظ ٽيڪنالاجي آهي ۽ ان تحت موڪليل پيغام رڳو موڪليندڙ ۽ وصول ڪندڙ ئي پڙهي سگهي ٿو، ايسيتائين جو مائيڪروسافٽ جي سروس ڪنٽرول ڪندڙ پڻ انهن پيغامن کي نه ڏسي سگهندا. ان فيچر کي متعارف ڪرائڻ سان گڏ ئي  اسڪائپ، فيسبڪ ميسنچر، ايپل آءِ ميسج ۽ واٽس ايپ جهڙين چيٽ پليٽ فارمز جو حصو بڻجي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پکين جي طرح پرواز سکڻ وارو روبوٽ گلائيڊر

سان ڊياگو(ويب ڊيسڪ) پکين جي پرواز اسان لاءِ 21 صدي ۾ به هڪ مثال بڻيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے