20 خميس , سيپٽمبر 2018

نوجوت سنگهه سڌو انتها پسندن جي تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو، موقف تي قائم

نئين دهلي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر نوجوت سنگهه سڌو انتها پسندن جي احتجاج ۽ غداري جي ڪيس جي درخواست باوجود ٻنهي ملڪن وچ ۾ امن لاءِ پنهنجي موقف تي قائم آهي. نئين دهلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نوجوت سنگهه سڌو چيو ته  پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام طرفان ڏنل محبت سرمايو آهي. هن چيو ته تقريب ۾ پهرين قطار ۾ ويٺل هيس جو مون کي ڏسي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مون وٽ آيو ۽ گرمي جوشي سان مليو، ٻه ڀيرا چيو ته شاباش بهادر انسان. هن چيو ته اسان امن چاهيون ٿا ۽ بابا گرونانڪ جي 550 هين جنم ڏينهن تي ڪرتارپوره جو رستو کولڻ چاهيون ٿا. نوجوت سنگهه سڌو چيو ته ٻن ڏينهن ۾ جيڪا محبت پاڪستان ۽ پاڪستانين ڏني آهي، اها منهنجي لاءِ فخر ۽ سرمايو آهي، ان سان ٻنهي ملڪن ۾ امن لاءِ به اميد پيدا ٿي آهي. هن چيو ته مان خير سگالي جي جذبي تحت پاڪستان ويو هيس ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ بهتري لاءِ اهڙا پيغام ڏنا ويندا آهن. جيڪڏهن ايئن ناهي ته ڀارتي سفير طرفان ڪرڪيٽرن جي صحيحن واري بيٽ تحفي ۾ ڏني وئي ته ڀارتي هاءِ ڪميشن کي به بند ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته واجپائي ۽ نريندر مودي به پاڪستان جا دورا ڪندا رهيا آهن ته ڇا کين وزيراعظم قبول نه ڪيو ويندو، خبر ناهي مون تي تنقيد ڇو ڪئي پئي وڃي.  نوجوت سنگهه سڌو چيو ته ڀارتي حڪومت جي اجازت سان ئي تقريب ۾ شرڪت ڪئي جنهن لاءِ پرڏيهي وزير سشما سوراج فون ڪري چيو هو، پاڪستان ۾ تقريب ۾ شرڪت جو چئي وڃڻ سٺو عمل نه هو.  هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ امن لاءِ ڳالهيون ئي حل آهن، سمورن مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، اسان کي ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته  ڀارتي جنتا پارٽي کي نه ٿو مڃان، جڏهن ته پنهنجي پارٽي قيادت اڳيان جوابده آهيان، پارٽي قيادت مون سان گڏ بيٺل آهي، وڏي هندستان ۾ ننڍيون ننڍيون دليون آهن، اڳتي وڌڻ لاءِ ايئن نه ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے