19 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڊگهڙي: پورهيت پر اسرار بيماري ۾ وڪوڙجي ويو ،  هلڻ ڦرڻ کان لاچار، واهر جي اپيل

Dighri: Laborer suffered from disease, need help *ڊگهڙي ويجهو پورهيت پر اسرار بيماري ۾ وڪوڙجي هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي بستري ڀيڙو ٿيل آهي.

ڳوٺ ميراعجاز ٽالپر جو رهواسي پورهيت ڏيوشي ڪولهي پراسرار بيماري ۾ مبتلا هئڻ ڪري هلڻ ڦرڻ کان لاچار بڻجي ويو  آھي

پورهيت ٻڌايو ته هو چار سال اڳ لفٽ مشين کي چالو ڪرڻ لاءَ هينڊل هنيو  ته هنيڊل زور سان اچي نرن ۾ لڳو.

هن چيو ته هينڊل جو ڌڪ لڳڻ سبب آپريشن ڪرائڻو پيو غربت سبب گهر ۾ بيٺل چوپايو مال ۽ نياڻي جي شادي لاءِ  گڏ ڪيل چاندي به وڪرو ڪري پئسا پنهنجي علاج تي خرچ ڪري ڇڏيا.

هن ٻڌايو ته هن وقت به پيٽ ۾ ڳنڍ آھي ڊاڪٽرن ڪراچي مان آپريشن ڪرائڻ جو مشورو ڏنو آھي ۽ آپريشن جو خرچ لکين روپيا ٻڌايو  اٿن، ايترا پئسا نه هئڻ ڪري پنهنجو علاج نٿو ڪرائي سگهان .

 هن سرڪار ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس علاج ڪرائڻ لاءِ مالي سهائتا ڪئي وڃي ………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز |  ڀٽ شاهه ۾ 8 محرم جي حوالي سان ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش

ڀٽ شاهه ۾ 8 محرم جي حوالي سان ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے