21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مڇر ڪجهه ماڻهن کي وڌيڪ چڪ ڇو هڻندا آهن؟

Why do mosques make some people more cautious?ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن پنهنجن دوستن سان گڏ ڪنهن جاءِ تي واڪ ڪندي يا ڪيمپنگ جي ارادي سان ويا هجو ۽ توهان محسوس ڪيو هجي ته مڇر ڪجهه ماڻهن کان پاسيرو رهندا آهن جڏهن ڪجهه ماڻهن سان کين تمام گهڻي محبت هوندو آهي؟  ايسيتائين جو گهر ۾ ڪجهه ماڻهو ننڍن ڪيڙن جي چڪ جا وڌيڪ شڪار بڻبا آهن جڏهن ڪجهه ماڻهن کي ان جو گهڻو تجربو ناهي هوندو؟ ان حوالي سان هڪ نئين تحقيق سامهون آئي آهي جنهن ۾ محققن ان جو جواب دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. آمريڪا جي فيلوريڊا يونيورسٽي جي پروفيسر جوناٿن ڊي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻن سببن ڪري ڪجهه ماڻهو مڇرن لاءِ وڌيڪ ”پُرڪشش“  بڻجي ويندا آهن. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهريون سبب ٽه پهري وقت مڇرن جي نظر تمام تيز ٿي ويندي آهي، جنهن دوران انهن کي آس پاس جا منظر آساني سان نظر ايندا آهن، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪنهن شخص گهري رنگ جهڙوڪ، نيرا، ڳاڙها يا ڪارا لٽا پهري رکيا آهن ته اهي رت پئيندڙن ڪيڙن جي نظر ۾ اچي انهن جو نشانو بڻجندا آهن. اهري طرح ٻاهر گهمڻ دوران به ماڻهو مڇرن جي ڌيان جو مرڪز رهندا آهن، پوءِ ڀلي اهي ورزش ڪري رهيا هجن يا دوستن سان گڏ ڪنهن هنڌ ويهي ڪچهري رهيا هجن. تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻيو سبب اهو آهي ته ڪجهه ماڻهن جي  جلد ۾ موجود مخصوص ڪيميڪلز جو مقدار وڌيڪ هئڻ آهي، ڪجهه ڪيميڪل جهڙوڪ ليسٽڪ ايسڊ مڇرن کي پان ڏانهن ڇڪيندو آهي. ليسٽڪ ايسڊ پگهر دوران خارج ٿيندو آهي، اهڙي طرح ساهه کڻڻ دوران پڻ هڪ ڪيميڪل acetone جي خارچ ٿيڻ مڇرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي ۽ اهڙا ماڻهو انهن ڪيڙن جي چڪ جو وڌيڪ شڪار ٿيندا آهن. ان کان اڳ فلوريڊا يونيورسٽي جي ئي هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته جسماني طور تي وڌيڪ وزن رکندڙ ماڻهن کان وڌيڪ ڪاربن آڪسائيڊ خارج ڪندا آهن ۽ اهو گيس مڇرن کي پاڻ ڏانهن وڌيڪ ڇڪيندو آهي اهو ئي سبب آهي جو ٻارن جي ڀيٽ ۾ بالغ ماڻهو مڇرن جو وڌيڪ نشانو بڻجندا آهن. سٺي خبر اها آهي ته ننڍن ڪيڙن جي حملن کان بچڻ لاءِ هلڪي رنگ جا ڪپڙا پهرڻ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا جڏهن کليل حصن کي ڍڪي رکڻ پڻ مڇرن جي چڪ کان بچڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. ياد رهي ته هر سال 20 آگسٽ تي مڇرن کان بچاءٌ جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تي انهن ڪيڙن جي چڪ سان هر سال لکين انساني حياتون موت جي کاڄ بڻجنديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Generates biodiesel of tones too!

آنڊن جا جيوڙا بجلي به ٺاهيندا آهن!

ڪيليفورينا( ويب ڊيسڪ ) سائنسدانن انڪشاف ڪيو آهي ته آنڊن ۽ هاضمي جي نظام مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے