21 جمعو , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم عمران خان جو خطاب ۽ اميدون….

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان ملڪ جي تيرنهين وزير اعظم طور قسم کڻڻ بعد قوم کي خطاب ڪيو آهي، جيڪو سياسي مبصرن موجب اڳ وارن وزير اعظمن جي خطابن کان ڪافي حدتائين الڳ ۽ منفرد آهي جو ان ۾ ڪنهن روڊ، رستي ۽ موٽر وي جي تعمير جو ذڪر نه هيو  باقي ملڪ جي هڪ هزار هڪ مسئلن جو ذڪر هو، مبصرن موجب عمران خان مسئلن جو ذڪر ته دل کولي ڪيو  پر انهن مان ڪنهن به مسئلي جي حل لاءِ ڪنهن جامع منصوبي جو اعلان تي پري جي ڳالهه آهي ڪو جامع اشارو به نه ڏنو آهي. عمران خان پنهنجي وزيراعظم ٿيڻ بعد قوم کي ڪيل پهرئين خطاب ۾ انتهائي پرجوش ۽ پرعزم هئو، سياسي مبصرن موجب جيڪڏهن عمران خان پنهنجي خطاب ۾ ملڪ جي جن به ۽ جيترن به مسئلن جو ذڪر ڪيو آهي انهن مان پنجويهه سيڪڙو  به حل ڪيائين ته اها سندس ڪاميابي ٿيندي.

وزير اعظم عمران خان ملڪ کي درپيش جن مسئلن جو ذڪر ڪيو آهي انهن جو پوتا ميل ڪجهه هن طرح سان آهي، سندس چوڻ هو ته هو وزيراعظم جي حيثيت ۾ هو هڪ انتهائي سادي زندگي گذاريندو ۽ ملٽري سيڪريٽريءَ جي ٽن ڪمرن واري گهر ۾ ٻن گاڏين ۽ ٻن نوڪرن سان رهندو ۽ باقي گاڏيون نيلام ڪري اها رقم قومي خزاني ۾ جمع ڪرائيندو، وزير اعظم هائوس کي ريسرچ يونيورسٽيءَ ۾ تبديل ڪندو، ڪرپشن ڪري ملڪ کان ٻاهر جمع ڪيل پئسن کي ملڪ ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙيندو جيڪو سموري دولت ملڪ ۾ آڻيندو، جڏهن ته ڪرپشن جي نشاندهي ڪندڙن کي ٽيهه سيڪڙو انعام طور ڏنو ويندو، چيف جسٽس سان ڳالهه ٻولهه ڪري عدالتن ۾ پيل ڪيسن کي هڪ سال اندر مڪمل ڪيو ويندو، علاج لاءِ مفت صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويندا ۽ هر قيمت تي باشا ڊيم تعمير ڪيو ويندو، وزير اعظم عمران خان اهڙين ڳاليهن سان گڏ ڪجهه ٻيون اهميت واريون ڳاليهون  پڻ ڪيون آهن جيئن، ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام جي خواهش جو اظهار ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪارروايون ڪرڻ جو اعلان، پر عمران خان جيڪا سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه ڪئي آهي اها هيءَ آهي ته ملڪ کي مديني جهڙي فلاحي رياست بڻايو ويندو.

عمران خان پنهنجي سموري تقرير ۾ جن اهم ڳالهين جو ذڪر نه ڪيو انهن ۾ سنڌو دريا جي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ پنجاب کي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ کان روڪڻ، آمريت جا مڪمل طور تي رستا بند ڪرڻ لاءِ آئيني ۽ قانوني اُپاءَ وٺڻ، ملڪ خاص ڪري سنڌ مان غير ملڪين جي غير قانوني طور تي گهر ڪري ويٺلن کي ٻاهر ڪڍڻ، مالياتي ايوارڊ تي عمل ڪرائڻ ۽ ملڪي آمدنيءَ مان ورڇ جوڳي پول جي رقم صوبن ڏانهن منصفاڻي نموني ورهائڻ انهن ۾ ڪنهن به گهوٻي نه لڳڻ کي يقيني بنائڻ، مذهبي انتهاپسنديءَ کي روڪڻ لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺڻ، ملڪ جي معيشت کي بحال ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ ملڪي صنعتن کي ترقي ڏيارڻ ۽ انهن کي رعايتون ڏيڻ، ملڪي ادارن کي پنهنجا فرض آئين جي اندر رهي ڪري ادا ڪرڻ لاءِ پابند بڻائڻ، 1991ع جي پاڻيءَ جي ٺهراءَ تي عمل کي يقيني بڻائڻ ۽ انڊس ڊيلٽا کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هر سال 10 ايم اِي ايف پاڻيءَ جو ڇوڙ ڪرڻ، ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ پرڏيهي قرضن تي دارو مدار ختم ڪرڻ ۽ سمورن وفاقي ادارن ۾ وفاق جي چئني صوبن جي ماڻهن جي موجودگي برابر بڻائڻ، بلوچستان ۽ سنڌ مان سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ وارا اسم شامل آهن،

وزار اعظم عمران خان پنهنجي تقرير ۾ سرسري طور تي تحريڪ انصاف جي ٻاويهن سالن جي جدوجهد جو ذڪر پڻ ڪيو ۽ ڪيترن حوالن سان تحريڪ انصاف ۽ پنهنجي انهيءَ عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو ملڪ کي درپيش سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، پاڪستان گذريل 70 سالن دوران جن حالتن مان گذريو آهي انهن حالتن جي سنگينيءَ هاڻي اچي ملڪ کي پنهنجي منطقي انجام تائين پهچايو آهي، نتيجي طور تي  ملڪ کي جيڪي سنگين مسئلا درپيش آهن اهي مسئلا انهن حالتن جو نيتيجو آهن جن مان ملڪ گذريل 70- سالن مان گذريو آهي ۽ هاڻي عمران خان، وزير اعظم ٿيڻ بعد انهن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ جو عزم رکي ٿو اسان سندس اهڙي جذبي جا متعرف آهيون پر سوال هي آهي ته هڪ سماج کي جيڪڏهن مجموعي طور تي درست ڪرڻو آهي ته ان جي هڪ “ مخصوص ڊائنامڪس” ٿيندي آهي جنهن کي سمجهڻ ۽ درست ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي، ان کي سمجهڻ ۽ ان سموري “ ڊائنامڪس” کي درست ڪرڻ کان سواءِ سماج جو سڌارو ناممڪن ٿيندو آهي، مسئلي جي سواءِ مجموعي سڌاري جي جيڪڏهن ڪنهن هڪ پهلوءَ کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪاميابي ٿيڻ ناممڪن ٿي پوندو آهي.

وزيراعظم عمران خان کي به جيڪڏهن ملڪ جي مجموعي حالتن کي بهتر بڻائڻو آهي ته کيس سماج کي مجموعي طور تي سڌارڻو پوندو، سڌارا ڪرڻا پوندا، نئين تعمير ڪرڻي پوندي جيڪو ڪرڻ عمران خان جي ڪنهن حد تائين وس ۾ آهي، باقي عمران خان ڪو انقلابي ته آهي ڪونه جو هو سموري سماج جي ٽوڙ ڦوڙ ڪري ان کي نئون ۽ نڪور بڻائي

اسين سمجهون ٿا ته وزير اعظم عمران خان جي تقرير ٻڌڻ لاءِ ته سُٺي آهي، پر سمجهڻ لاءِ مشڪل ۽ عمل لاءِ ناممڪن آهي، ڇو جو ملڪ، قومون ۽ سماج ڪنهن جي خواهش ڪرڻ سان بهتر نه ٿيندا آهن ۽ نه ئي دنيا ۾ صلاحون، هدايتون ۽ خواهشون ڪي تبديليون آڻي سگهنديون آهن، سماجن، ملڪن ۽ قومن ۾ جيڪي به تبديليون آيون آهن يا اينديِون آهن اهي صرف ۽ صرف انصاف جي فراهمي، قانون تي سختيءَ سان عمل، ادارن جي ضابطن ۾ رهڻ، معاشري جي هر فرد توڙي اداري جو پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪرڻ ۽ سماج جي تعمير لاءِ اڪيچار ادارن جي قيام جي عمل سان ئي اينديون آهن، اهڙين تبديلين جي خواهش ڪرڻ ته سٺو عمل آهي پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙين تبديلن لاءِ موافق عمل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ هنوز دهلي دور است.

اڱارو 21 آگسٽ  2018ع، 9 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے