22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نواز شريف ۽ مريم جا نالا اي سي ايل ۾ شامل، حسين، حسن نواز ۽ ڊار کي واپس آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا وزيرن جي سرڪاري خرچ تي پرڏيهه علاج ڪرائڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، جڏهن ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ حسين نواز، حسن نواز ۽ اسحاق ڊار کي گرفتار ڪري آڻڻ ۽ ايون فيلڊ اپارٽمينٽ جي ملڪيت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو پهريون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهه مان ڦريل دولت جي واپسيءَ لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بئريسٽر شهزاد اڪبر جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ٽاسڪ فورس کي پرڏيهه مان قومي دولت جي واپسيءَ لاءِ ٻن هفتن ۾حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ٽاسڪ فورس سمورين وزارتن مان مني لانڊرنگ جي ڪيسن جا تفصيل گڏ ڪندي جڏهن ته پرڏيهه رقم جي واپسي جي ٺاهن جو به جائزو وٺندي.  وزيراعظم عمران خان سمورن وزيرن کي ٽاسڪ ڏيندي چيو ته گڊ گورننس ۽ ميرٽ جو نظام اختيار ڪيو وڃي ڇو ته عوام جي ڏنل مئنڊيٽ تي پورو لهڻو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهن. سمورين وزارتن جي پاڻ نگراني ڪندس. اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قانون ۽ گهرو وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته حسن، حسين نواز ۽ اسحاق ڊار کي ڏيهه واپس آڻي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته ايون فيلڊ فليٽس پاڪستاني عوام جي ملڪيت آهن، قانون واري وزارت ان سلسلي ۾ برطانيا حڪومت سان رابطو ڪندي. فواد چوڌري چيو ته وزيرن جي پرڏيهي دورن کي محدود ڪيو ويو آهي، ڪرپشن جو خاتمو اسان جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي. هن چيو ته شهزاد اڪبر جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس پرڏيهه ۾ پاڪستانين جي ملڪيت جو پتو لڳائي واپس آڻيندي. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم هائوس جي 88 گاڏين کي نيلام ڪيو ويندو. وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن کان احتساب جو عمل شروع ڪندو، ڪابينا ميمبرن جي سرڪاري خرچ تي ٻاهرئين ملڪ علاج جي سهولت ختم ڪئي وئي آهي، وفاقي ڪابينا هالينڊ ۾ گستخانه خاڪن جي ٻيهر ڇپائي جي پرزور مذمت ڪري ٿي، هالينڊ جي سفير کي طلب ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو، او آءِ سي جي فورم تي پڻ ان معاملي کي اٿاريو ويندو. فواد چوڌري ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا هالينڊ ۾ گستاخانا خاڪن جي ٻيهر ڇپائي تي سراپا احتجاج آهي، وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي هدايت ڪئي ته هالينڊ جي سفير طلب ڪري ان معاملي تي سخت احتجاج ڪيو وڃي، گستاخانا خاڪن جي ڇپائي گڏيل قومن جي انساني حقن جي قانون جي پڻ خلاف ورزي آهي، يورپ ۾ مذهبي جذبا مجروح ڪرڻ جون سزائون پڻ آهن، جنهن تي سفير طلب ڪري احتجاج ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا اهو به فيصلو ڪيو ته وزيراعظم پنهنجي ۽ وفاقي ڪابينا کان احتساب جو عمل شروع ڪندو، ڪابينا جا سمورا ميمبر پنهنجي ڊڪليئر ٿيل اثاثن کي عوام آڏو رکندا، اسان سڀ هر قسم جي قانون ۽ احتساب کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم هائوس ۾ اضافي گاڏين جي نيلامي لاءِ وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري واڪ جي تاريخ ۽ طريقي جو اعلان ڪندو، فواد چوڌري ٻڌايو ته حڪومتي قيمتي زمين جي حوالي سان ٻه جدا جدا ڪميٽيون ٺاهيون ويون آهن، هيريٽيج ۽ تاريخي اهميت رکندڙ زمين جي حوالي سان شفقت محمود جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪي وزيراعظم هائوس، گورنر هائوسز ۽ تاريخي سرڪاري ملڪيتن جي حوالي سان جائزو وٺنديون ۽ ان جي استعمال ۽ تاريخي اهميت متاثر نه ٿيڻ جي حوالي سان هڪ پاليسي جوڙي ويندي جڏهن ته عام پراپرٽين جن ۾ ڪمشنر آفيسون، آءِ جي جي وڏين وڏين آفيسن جو جائزو ورتو ويندو. ان ڪميٽي جو سربراهه اسد عمر هوندو، جن صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي اتي اها ڪميٽي پنهنجون سفارشون ڏيندي ۽ ان تي عمل ڪيو ويندو جڏهن ته آئين جي آرٽيڪل 149 تحت وفاقي حڪومت ان ڏس ۾ جيڪي هدايتون ڏيندي صوبا ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندا. هن ٻڌايو ته سرڪاري عمارتن جي ملازمن کي نه ڪڍيو ويندو پر انهن کي ٻين ادارن ۾ ايڊجسٽ ڪيو ويندو. ايندڙ ٽن مهينن ۾ وزيراعظم به ضروري دورن کانسواءِ پرڏيهي دورو نه ڪندو، رڳو شاهه محمود قريشي ٻاهرئين ملڪن جا سرڪاري دورا ڪندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پاڻي ۽ بجلي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پاڻي جي ذخيرن جي معاملي جو پڻ جائزو ورتو وڃي ۽ ڀاشا ڊيم سميت ٻين ذخيرن جي تعمير لاءِ رپورٽ پيش ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته نواز شريف وزيراعظم هائوس جي خرچ جي حوالي سان چيڪ ڏيڻ جي معاملي ۾ غلط بياني ڪري رهيو آهي، هن پنهنجي ٽيڪس ۾ غلط بياني ڪئي آهي يا هو چيڪ ڏيڻ جي حوالي سان غلط بياني ڪري رهيو آهي، وزيراعظم هائوس جي بجيٽ 6 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، جيڪڏهن گذريل چئن سالن ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ خرچ ادا ڪرڻ چاهي ٿو ته اهي ڪري ڇڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ماضي ۾ انفارميشن گروپ کي نظرانداز ڪيو ويو هو ۽ اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ادارن ۾ سياسي مقرريون ڪيون ويون هيون پر پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ادارن سميت ڪنهن به اداري ۾ سياسي مقرريون نه ڪيون وينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صدارتي چونڊن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف عارف علوي کي نامزد ڪيو آهي، مخالف ڌر جو اهو حق آهي ته هو پنهنجو اميدوار آڻي پر اسان ان پوزيشن ۾ آهيون جو آساني سان پنهنجي اميدار کي چونڊرائي سگهون ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايندڙ مهيني اهم اجلاس ٿيڻ وارو آهي، ان ۾ شاهه محمود قريشي پاڪستان جي نمائندگي ڪندو ۽ ڪشمير سميت سمورن اهم اشوز کي اجاگر ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي وي کي هدايت ڏني آهي ته اها سمورين سياسي پارٽين بشمول مخالف ڌر کي مناسب ڪوريج ڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم اها هدايت ڏني آهي ته جيڪو به حڪومت جو حصو هوندو اهو ڪاروبار نه ڪري سگهندو، ان حوالي سان مفادن جي ٽڪراءُ جو قانون پڻ وفاق ۽ ٻين صوبن ۾ آندو ويندو، بيوروڪريٽس کان سهولتون واپس نه وٺي رهيا آهيون پر هڪ متوازن نظام تحت هڪ سسٽم ٺاهيو پيو وڃي جنهن ۾ غيرضروري خرچن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته جيڪي قابل آفيسر آهن اهي اڳتي اچن ۽ ملڪ جي خدمت کي يقيني بڻائين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته وزيراعظم ٻاهرئين ملڪن جي سفارتخانن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي اوورسيز پاڪستانين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪن، ٻاهرئين ملڪ جيلن ۾ قيد پاڪستانين کي قانوني مدد ڏني وڃي، هن چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي ۽ نواز شريف جي پرڏيهي پاليسي ۾ اهو فرق آهي ته اسان جي پرڏيهي پاليسي رياست جي رياست سان آهي جڏهن ته نواز شريف جي پرڏيهي پاليسي پنهنجي ۽ ٻئي طرف ان ملڪ جي مخصوص شخصيتن سان هئي. پي ٽي آءِ جو چيف وهپ عامر ڊوگر ۽ ايم اين اي فرخ حبيب پڻ ان سان گڏ هئا.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے