25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: لکي غلام شاھ : نينگربدفعلي  بعد بيدرديءَ سان  قتل

Lakhi Ghulam Shah: Child killed after severely abused*لکي غلام شاھ  ويجهو وحشي جوابدارن 13 ورهين جي نينگر کي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو .

ڳوٺ منگراڻي مهر ۾ جوابدارن نينگر شيراز احمد مهر کي بدفعلي بعد ڳلو ڪپي قتل ڪرڻ بعد نينگر جو لاش ويران جڳھه تي  ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا .

اطلاع تي جهان خان پوليس چوڪي جي اهلڪارن پهچي مقتول نينگر جو لاش لکي سول اسپتال آندو جتي موجود ڊاڪٽر نينگر سان بدفعليءَ جي تصديق پڻ ڪئي.

پوليس موجب نينگر جو  ڳلو ڪپي کيس  قتل ڪيو ويو آھي،جڏهن ته پوسٽ مارٽم بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

 نينگر جي مامي ارشاد احمد چيو ته نينگر گهران نڪري مال جو چارو کڻڻ ويو هو ته نه موٽيو ڳولا ڪرڻ بعد سندس ويران جاءِ  تان  ڳلو ڪپيل لاش مليو نينگر سان بدفعلي ڪرڻ بعد کيس  عذاب ڏئي قتل ڪيو ويو آهي

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي

ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ به لکي شهر ۾ ياسر مهر کي اهڙي نموني بدفعليءَ بعد قتل ڪري لاش ٻنيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ويو هو جنهن جا به اصل جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، مقتول جو پيءُ رسول بخش مهر پوليس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے