22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد:اسڪولن ۾ شاگردياڻين لاءِ اجرڪ واري ڊريس لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري

Hyderabad: In order to apply disciplinary desserts for discipline in schools, the notification continuedسنڌ حڪومت پاران ايلمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائرسيڪنڊري اسڪولن ۾ شاگردياڻين جي لاءِ سنڌ جي ثقافت اجرڪ واري ڊريس لاڳو ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائرسيڪنڊري حيدرآباد ريجن پاران هڪ نوٽيفيڪشن جاري ڪندي ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائرسيڪنڊري اسڪولن کي پابند بڻايو ويو آهي ته اسڪولن ۾ شاگردياڻين لاءِ اجرڪ واري ڊريس لاڳو ڪئي وڃي

ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر حيدرآباد جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن ۾ ضلعي جي سمورن تعلقا ايجوڪيشن آفيسر في ميل کي پابند بڻايو آهي ته ڊريس لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن، جڏهن ته حيدرآباد ضلعي جي لاءِ ٽي اي او في ميل لطيف آباد صدف اڪبر ميمڻ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي،

صدف اڪبر ميمڻ کي اجرڪ واري ڊريس واري پاليسي جي نگراني ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي، فوڪل پرسن حيدرآباد ضلعي جي سمورن اسڪولن جا دورا ڪري اجرڪ واري ڊريس جي پاليسي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائيندي

ٻئي طرف ساڳي ريت حيدرآباد ريجن جي سمورن ضلعن ۾ ٽي اي او في ميل کي ڊريس پاليسي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ذميواريون ڏنيون ويون آهن.

 هوڏانهن حيدرآباد ريجن جي مختلف اسڪولن جي شاگردياڻين پاران اجرڪ واري ڊريس ٺهرائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن، ڪيترن ئي اسڪولن جي شاگردياڻين اجرڪ واري خوبصورت ڊريس لاڳو ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته يونيفارم سينٽرن تي پڻ اجرڪ واريون ڊريسون تيار ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي،

حيدرآباد ريجن جي مختلف اسڪولن جي انتظاميا پاران تصديق ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل نوٽيفڪيشن کين وصول ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ شاگردياڻين پاران اجرڪ واري ڊريس ٺهرائڻ وارو سلسلو پڻ شروع ٿي ويو آهي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے