19 اربع , سيپٽمبر 2018

گستاخ خاڪن واري معاملي تي پاڪستان جو هالينڊ سان سخت احتجاج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) هالينڊ ۾ گستاخانه خاڪن جي مقابلي واري معاملي تي پاڪستان هالينڊ جي ناظم الامور کي پرڏيهي کاتي طلب ڪري سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. پرڏيهي کاتي موجب هالينڊ ۾ گستاخانه خاڪن جو مقابلو ڪرائڻ تي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ هالينڊ جي ناظم الامور کي طلب ڪري اسلام کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي بابت آگاهه ڪيو ويو. ترجمان چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ به ان حوالي سان سخت مذمت ڪئي وئي. پرڏيهي کاتي طرفان جاري بيان موجب وزير اعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ گستاخانه خاڪن واري معاملي جي سخت مذمت ڪئي وئي. دي هيگ ۾موجود پاڪستان جي سفير کي هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته هو او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان گڏجي ڊچ حڪومت جي سامهون ڀرپور طريقي سان اِهو معاملو اٿاري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير کي به هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اِهو معاملو گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري، قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر ۽ ٻيا لاڳاپيل فارمن تي اٿارن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڍي چونڊ : بيلٽ پيپرن جي ڇپائي لاءِ اليڪشن ڪميشن جون تياريون مڪمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ننڍي چونڊ لاءِ بيلٽ پيپرن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے