18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ناتجربي ڪار حڪومت سياسي معاملن کان اڻ واقف آهي: احسن اقبال

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ نئين حڪومت چونڊجي آهي، موجوده حڪومت تڪراري چونڊن جي ذريعي وجود ۾ آئي، ناتجربي ڪار حڪومت سياسي معاملن کان واقف ناهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احسن اقبال چيو ته چونڊن تي خدشن جي باوجود حلف کنيو، اقتدار ۾ ڪا به رنڊڪ ناهي وڌي وئي، ملڪ ۾ ڪو به سياسي يا آئيني بحران ناهي بيٺو. هن چيو ته حيرت ٿي ته وزير اعظم کي اِها ئي خبر ناهي ته رياستي مشينري ڪيئن هلندي آهي، نئين پاڪستان جي جواب کي طلوع ٿيڻ کان پهرين گرهڻ لڳي وئي آهي، ڪالهه پي ٽي آءِ منشور ورجايو ويو، خاص حڪمت عملي پيش ناهي ڪئي وئي، حيرت ٿي ته وزير اعظم کي وفاقي، صوبائي اختيارن جو علم ئي ناهي. احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان پنهنجي تقرير ۾ توانائي بحران تي ڳالهه ناهي ڪئي، حڪومت گهرو وزير نه لڳائي غير سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو ويو، ايف آءِ اي جي نگراني لاءِ ضروري ناهي ته وزارت پاڻ وٺ رکي وڃي، عمران خان پهرين اسان کي پرڏييه وزير جا طعنا ڏيندو رهندو هو، پاڪستان کي فل ٽائم گهرو وزير جي ضرورت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ن ليگ معيشت تباهه ڪئي، عمران سرڪار ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ ترجمان سينيٽر مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته عمران خان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے