25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير کاتي جي آفيسرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي مڙهي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قانون ۽ انصاف واري  وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته قانون واري وزارت ۾ سست رفتاري هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. تفصيل موجب پاڪستان قانون ۽ انصاف واري نئين چونڊيل وزير برسٽر فروغ نسيم عهدي جو حلف کڻندي ئي پهريون حڪم جاري ڪندي کاتي جي آفيسرن جي پرڏيهي دورن تي پابندي مڙهي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سيڪريٽري بيرسٽر فروغ نسيم جو استقبال ڪيو ۽ قانون ۽ انصاف واري وزير کي انٽرنيشنل ليگل فرنٽ ۽ قانون واري وزارت جي معاملن تي بريفنگ ڏني. قانون ۽ انصاف واري وزير بيرسٽر فروغ نسيم لا آفيسرن جي مقررين جو جائزو وٺڻ جي هدايت جاري ڪئي ۽ وفاقي عدالتن ۾ خالي جايون ڀرڻ  لاءِ فوري بندوبست ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. قانون ۽ انصاف واري وزير بيرسٽر فروغ نسيم جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ڪرپشن جو خاتمو پهرين ترجيح آهي، وزارت ۾ سست رفتاري هرگز برداشت نه ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت مني بجيٽ نه پر مني ڊرامو پيش ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت مني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے