19 اربع , سيپٽمبر 2018

وزيراعظم مني لانڊرنگ جو پئسو موٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي: اسد عمر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر موڪليل پئسو موٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سوئس بئنڪن ۾ ڪيتري رقم پئي آهي ڪو علم ناهي، اسحاق ڊار 4 سال اڳ ٻڌايو هو ته 200 ارب ڊالر پيا آهن، دبئي ۾ پاڪستانين جي 8 ارب ڊالرن جي ملڪيت آهي. هن چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح ٻاهرين ملڪن مان پئسو موٽائڻ آهي، وزيراعظم مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر موڪليل پئسو موٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته پي آءِ اي ۽ اسٽيل ملز ملازمن جي ڪري تباهه نه ٿي، ڪنهن کي بي روزگار نه ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم هائوس ۾ 5 سئو ملازم ذاتي نوڪري ڪري رهيا هئا، هاڻ اهي ملازم عوام جي خدمت ڪندا. اسد عمر چيو ته اوور سيز پاڪستانين لاءِ بانڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو اڃا ناهي ٿيو، اهو اڳ کان طئي ٿي چڪو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ بانڊ جاري ڪنداسين، ڪجهه ڏينهن ۾ بانڊز جي حتمي منظوري ڏني ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے