20 خميس , سيپٽمبر 2018

سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني

هونئن ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال ماضيءَ جي سمورن ڏهاڪن ۽ حڪومتن ۾ خراب رهي آهي، امن امان جي اهڙي تباهه حال صورتحال کي انهيءَ سَنڌي سان ڌار ڪري نه ٿو سگهجي ته ماضيءَ جي جمهوري دورن ۾ امن امان جي صورتحال بهتر رهندي پئي آئي آهي ۽ آمريتي دورن ۾ امن جي صورتحال خراب پئي رهندي آئي آهي، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال آمريت هُجي يا جمهوريت ٻنهي دورن ۾ هڪ جهڙي رهندي پئي رهي آهي، پر ان بگڙيل صورتحال ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ واڌارو ٿيو آهي جنهن جو بنيادي ڪارڻ سنڌين جي معيشت جو ڏيوالو ٿيڻ آهي، سنڌي سماج مجموعي طور تي تمام تيزيءَ سان غربت جي لڪير کان هيٺ ڪرندو پيو وڃي، معاشري ۾ بدامني ۽ ڏوهن جا ٻيا پڻ ڪيئي سبب اوس آهن، پر غربت سنڌ سميت دنيا جي هر معاشري ۾ ڏوهن جي اضافي جو بنيادي سبب مڃي ويندي آهي ۽ اها هڪ حقيقت آهي.

گذريل هفتي کان سنڌ جي انهن ضلعن جهڙوڪر ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، خيرپور، لاڙڪاڻو، دادو، جن کي درياهه جي ڪچي وارو علائقو لڳي ٿو انهن ۾ اغوا ۽ ڦرن جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ جن علائقن ۾ درياهه يا ڪچي جو علائقو نه ٿو لڳي مثلن سانگهڙ، ٿرپارڪر، يا ٻيا اهڙا شهر انهن ۾ چورين جون اڪثر وارداتون ٿيون آهن،

پر جيڪڏهن ان کان ٿورو اڳتي ڏسنداسين ته ڪالهه تائين  پر امن ٿر جي اهم شهر مٺيءَ ۾ هڪ دفعو ٻيهر هٿياربندن دڪان تي ويٺل پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي پرسنل سيڪريٽري چندر شرما کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، چندر شرما جي قتل جي واردات ايتري ته بي خوفيءَ سان ڪئي وئي جو جوابدار کيس شهر ۾ ڪمپيوٽر جي دڪان تي پنهنجن دوستن سان ويٺل ڏسي مٿس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ڪري کيس مٿي ۾ گوليون لڳيون ۽ هو سخت زخمي ٿي پيو کيس مٺي اسپتال نيون پئي ويو ته هُن رستي ۾ ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو،

چندر شرما جو قتل ٿر جي حوالي سان هڪ هاءِ فروفائل قتل آهي ڇو جو هو هڪ ايم اين اي جو پرنسل سيڪريٽري هو ۽ سندس قتل تي پ پ  جي اعلى قيادت آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽُو زرداري پڻ واقعي شديد مذمت ڪئي آهي،

ڪالهه واري تاريخ تي ئي مبينه طور تي سي آءِ اي پوليس شڪارپور پاران ڳوٺ رندن جي وانڍ جي ڳوٺاڻي محبت رند جي گرفتاري دوران سندس ڀيڻ کي تذليل جو نشانو بڻايو جنهن خلاف ذميوار پوليس اهلڪارن جي گرفتاري ۽ مٿن ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ سول سوسائٽي جي سڏ تي ڊکڻ شهر ۾ شٽربند هڙتال رهي، جنهن سبب شهر جو سمورو ننڍو وڏو ڪاروبار بند رهيو،

ان کان جيڪڏهن ٿورو پوئتي ڏسنداسين تي ڪنڌ ڪوٽ ۾ ذاتي دشمنين جي بنياد تي هڪ ئي هفتي ۾ ڪي چار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا آهن، ڪنڌڪوٽ شهر مان هندو واپارين کان لکين روپين جي ڦر ٿي آهي، قاضي احمد مان انڊس هاءِ وي روڊ تان هڪ ٽيڪسي ڊرائيور ۽ سبزي فروش اغوا ٿيا آهن، اهڙي ئي نموني سان سنڌ جي تقريبن سمورن شهرن ۾ ڏوهي سرگرمين، ڌاڙن ۽ ڦرن، پوليس جي زيادتين، قبيلائي جهڙن، احتجاج دوران روڊن ۽ رستن جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بند ٿيڻ جا ڪيئي واقعا هر روز جي بنياد تي پيش ايندا رهن ٿا.

ڪنهن به سماج جو ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو واحد سبب اقتصادي حالتن جي بدحالي ۽ معاشري ۾ روزگار جي ذريعن جو نه هجڻ اهم سبب ڄاتا وڃن ٿا، معاشري ۾ جهالت ۽ مدي خارج رسمن تي عمل پڻ معاشري ۾ خونزيري ۽ امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ جا سبب ٿين ٿا.

اسين سمجهون ٿا سنڌي سماج هن وقت ٻين ڪيئي سماجي معاملن ۽ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، هتي انهن سمورن مسئلن جو ذڪر ڪرڻ مقصد ناهي، پر هتي اسين فقط ۽ فقط امن امان جي صورتحال کي ذڪر هيٺ آڻي رهيا آهيون ته جيئن سنڌ جي هاڻوڪي ٺهندڙ پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت ۽ وري چونڊجي آيل سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سميت سمورن حڪومتي ذميوارن ج ڌيان ڇڪائي سگهون ته هو سنڌ جي بگڙيل امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائين ۽ ان لاءِ سنڌي سماج ۾ وڌندڙ بک، غربت ۽ بي روزگاريءَ سميت ڪيئي سماجي اوڻاين کي دور ڪرڻ لاءِ پڻ قانوني ۽ معاشي قدم کڻن.

سنڌي عوام اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهي ته پيپلز پارٽي گذريل چاليهن سالن کان وٺي سمورن سياسي حيلن ۽ بهانن سان اقتدار ۾ اچي سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ رهي آهي ۽ مٿان وري بدقستي اها رهي آهي جو انهن ئي ٽيهن چاليهن سالن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام وڌ کان وڌ تباهه ۽ برباد ٿيو آهي، هاڻي به جيڪڏهن سنڌي عوام ۽ سنڌي سماج جي ترقيءَ لاءِ کي ٺوس اپاءَ نه ورتا ويا ۽ سنڌ ڪجهه اڳڀرو نه ٿي ته ان جي سموري ذميواري پيپلز پارٽيءَ تي رهندي نه صرف ذميواري پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن تي رهندي پر پيپلز پارٽيءَ جي هر ان ذميوار تي رهندي جيڪو پاڻ کي پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ يا ڪارڪن سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو ۽ ڪرپشن جي وهندڙ درياهه مان دلا ۽ مٽَ ڀري ٿو، اسين سمجهو ٿا ته هي پيپلز پارٽيءَ لاءِ آخري موقعو آهي ته سنڌ کي سنواري وٺي، ٻي صورت ۾ ڪافي دير ٿي چڪي هوندي.

سومر 20 آگسٽ  2018ع، 8 ذوالحج 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے