21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سن : ٽريڪٽر ٽرالي ، ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر، ٻه مسافر فوت،  20  ڄڻا زخمي

Sann: Road Accident near sann, two people died and 18 injured* سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٽريڪٽر ٽرالي ، ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه مسافر موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 18 مسافر زخمي ٿي پيا.

علي آباد وٽ ٿيل حادثي ۾ 30ورهين جو محمد اسلم چانڊيو 25 ورهين محمد مٺل گاڏهي موقعي تي فوت ٿي ويا.

 حادثي جي نتيجي ۾  اسد علي ، اظهر علي ، جواد علي ،  شاهنواز وساڻ ، ايوب ۽ محمد اعظم سميت 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ترت ئي لمس  اسپتال ڄامشورو  منتقل ڪيو ويو جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي

حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوانن جا مڙهه قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون …………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے