19 اربع , سيپٽمبر 2018

منهنجي سياست جو مقصد ملڪ جي بهتري آهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان حلف کڻڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ ڪارڪنن جا ٿورا مڃيندي معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر هلائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. عمران خان پنهنجي خطاب ۾ سڀ کان اڳ ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته مان توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، ڇو ته توهان کانسواءِ مان ڪڏهن به هتي نه پهچي سگهان ها، 22 سال اڳ جن ساٿين مون سان گڏ سفر شروع ڪيو هو، انهن کي ياد ڪري رهيو آهيان، خاص طور احسن رشيد ۽ سلوني بخاري کي، جيڪي حياتيءَ جي جنگ هارائي چڪا آهن. هن چيو ته قائداعظم هڪ مشن طور سياست شروع ڪئي هئي ۽ مان پاڪستان کي علاما اقبال جي خواب موجب ٺاهڻ لاءِ سياست جي شروعات ڪئي پر سياست کي ڪڏهن ڪيريئر نه سمجهيو. عمران خان ملڪ کي موجود چئلينجن تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ايتريون ڏکيون حالتون نه هيون جيڪي هن وقت آهن، ملڪ هن وقت 28 هزار ارب رپين جو قرض ٿي ويو آهي، 10 سال اڳ پاڪستان جو قرض 6 هزار ارب رپيا هو، جيڪو 2013ع ۾ وڌي 15 هزار ارب ۽ هاڻ اهو 28 هزار ارب رپيا ٿي چڪو آهي، هڪ پاسي قوم قرضي آهي ته ٻئي پاسي حڪمران ملڪ ۾ ائين رهندا آهن، جڏهن انگريز هتي رهندا هئا ۽ اسان غلام هئاسين. سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي جو مسئلو سنگين آهي، پاڪستان دنيا ۾ ان جو متاثر ٿيندڙ ستون ملڪ آهي، اڄ بدقسمتي سان پاڪستان انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي، جتي ٻار خراب پاڻي پيئڻ سبب مرندا آهن، پاڪستان جي 45 سيڪڙو ٻارن کي صحيح خوراڪ نه پئي ملي، جنهن سبب ٻارن جي ذهني واڌ ويجهه ناهي ٿيندي، سوا ٻه ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهي، آبادي وڌي رهي آهي ۽ جيڪڏهن تعليم نه ڏني وئي ته انهن ٻارن جو ڇا ٿيندو؟. وزيراعظم مديني جي رياست جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڻ سڳورن سڀ کان پهريان قانون جي بالادستي قائم ڪئي، پاڻ سڳورن چيو ته قانون سامهون سڀ انسان برابر آهن، انهن زڪوات جو نظام قائم ڪيو، ان کي پروگريسيوٽيڪسيشن چوندا آهن، اڄ اولهه ان تي عمل ڪري رهيو آهي، سوئيڊن، ناروي سميت ٻين ملڪن ۾ اهڙو ئي نظام قائم آهي، مديني جي رياست ۾ صادق ۽ امين هجڻ ضروري هو ۽ اڄ اها ڳالهه اولهه ۾ آهي، برطانيا جي وزيراعظم کي ڪوڙ ڳالهائڻ تي ڪڍيو ويو ۽ اتي ليڊر عوام اڳيان جوابده آهن. عمران خان چيو ته مان وزيراعظم هائوس ۾ ٻه ملازم ۽ ٻه گاڏيون رکندس، گاڏيون ان لاءِ ته سيڪيورٽي مسئلو آهي، نه ته مان بني گالا ۾ رهان ها، جڏهن ته گورنر هائوسز ۾ اسان جو ڪو گورنر نه ويهندو، ان لاءِ دانشورن تي ٻڌل هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي، جيڪا اسان کي ٻڌائيندي ته ڇا ڪرڻ گهرجي، اسان هڪ وڏي يونيورسٽي ٺاهينداسين. هن چيو ته ڊاڪٽر عشرت حسين جي سربراهي ۾ هڪ ٽاسڪ فورس ٺهندي، جيڪا طئي ڪندي ته اسان ڪيئن پنهنجا خرچ گهٽ ڪيون ته جيئن انهن پئسن مان اسان ٻيا ڪم ڪري سگهون. سندس چوڻ هو ته مان پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيان ٿو، منهنجي سياست جو مقصد ملڪ جي بهتري آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے