19 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ ڪابينا جي ميمبرن کي وزارتن جو نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ مختلف کاتن جا قلمدان ڪابينا ميمبرن حوالي ڪيا ويا آهن، جنهن جو سنڌ حڪومت طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. اڄ سنڌ ڪابينا جي 8 ميمبرن طرفان حلف کڻڻ کانپوءِ کين خاص کاتن جا قلمدان به باقاعدي طور ڏنا ويا. نوٽيفڪيشن موجب عذرا فضل پيچوهو کي صحت ۽ بهبودِ آبادي جو قلمدان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته هري رام ڪشوري لال کي 3 شعبا ڏنا ويا آهن، جن ۾ جيل، اقليتي معاملا ۽ سماجي بهبود جو قلمدان شامل آهي. اسماعيل راهو کي زراعت ۽ سپلائز جي وزارت ۽ مير شبير بجاراڻي کي معدنيات جو وزير مقرر ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ مخدوم محبوب الزمان کي روينيو ۽ بحالي جو قلمدان ڏنو ويو آهي. سعد غني کي به 3 کاتا ڏنا ويا آهن، جن ۾ مڪاني ادارا، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ڪچي آبادي شامل آهن، جڏهن ته شهلا رضا عورتن جي حقن بابت وزير هوندي. تعليم، ثقافت، سياحت ۽ قديمي آثارن جي کاتن جو قلمدان سيد سردار علي شاهه وٽ هوندو، جڏهن ته سردار محمد بخش مهر ۽ مرتضيٰ وهاب وڏي وزير جا صلاحڪار هوندا. 27

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے