23 آچر , سيپٽمبر 2018

صدارتي اميدوار جي حمايت لاءِ پ پ جو ن ليگ سان رابطو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ پنهنجي صدارتي اميدوار اعتزاز احسن جي حمايت لاءِ ن ليگ سان رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب خورشيد شاهه جي سربراهي ۾ پ پ وفد اياز صادق سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پ پ اعتزاز احسن کي صدارت جي عهدي لاءِ ووٽ ڏيڻ جي بدلي سينيٽ ۾ ن ليگ سان سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ذريعن موجب اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق ن ليگ جي قيادت سان صلاح مشوري لاءِ گهريو آهي ۽ عيد کان اڳ پ پ وفد جي شهباز شريف سان ملاقات جو به امڪان آهي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف طرفان عارف علوي کي صدر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلوچستان ۾ تيل جا وسيع ذخيرا دريافت هٿ ڪيا ويا

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي ڪڇي بولان ۾ تيل جو وڏو ذخيرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے