18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: مير پور خاص: بيواهه عورتن پاران پلاٽ تي قبضي ۽ پوليس تشدد خلاف احتجاج

Mirpur Khas: widow women in the control plot and protests against police violenceمير پور خاص ۾ بيواهه عورتن پاران پلاٽ تي قبضي ۽ پوليس تشدد خلاف احتجاج ڪيو ويو.

پريس ڪلب ۾ ڳوٺ حاجي وريام خاصخيلي واسڻ بيواهه عورت سڪينه پنهنجي بيواهه سس نور خاتون سان گڏجي پلاٽ تي قبضو ڪندڙ بااثرن ۽ پوليس تشدد خلاف دانهيو.

بيواهه عورتن الزام هنيو ته سندن پلاٽ تي قبضو ڪندڙ بااثرن پوليس هٿان ٽن نياڻين تي تشدد ڪرايو آهي، بااثرن سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته پلاٽن تي قبضا ڪرڻ، عورتن ۽ ٻارڙن کي تنگ ڪرڻ کانسواءِ  ڳوٺ ۾ منشيات جي ڪاروبار ۾ انهن بااثرن جو هٿ آهي.

سندن چوڻ هو ته سندن پلاٽ تي بااثرن قبضو ڪري اڏاوتي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آهي، غريب هجڻ تي سندن دانهن ڪير به نٿو ٻڌي.

بيواهه عورتن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ پلاٽ تان قبضو ڇڏرائي کين تحفظ ڏين…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ واسي احتجاج ڪن ٿا ته کين ملڪ دشمن سڏيو وڃي ٿو: ناصر شاهه

سنڌ جي ورڪس اينڊ سروس کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے