25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: نصير آباد: شاگرد جي قتل ڪيس مان اهلڪار جو نالو ڪڍڻ خلاف احتجاج

Naseerabad: Protest against murder of murder of a student from the caseنصير آباد ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران مقتول شاگرد جي قتل ڪيس مان پوليس اهلڪار جو نالو ڪڍڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو ضمير، علي اڪبر، گلشن انقلابي ۽ حفيظ تنئي سميت ٻين سنڌي شاگرد تحريڪ جي ڪارڪنن 4 مھينا اڳ قتل ڪيل لاڙڪاڻي واسي شاگرد احد عباسي جي ڪيس مان پوليس اهلڪار امتياز ڪلهوڙي جو نالو ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شاگرد اڳواڻن چيو ته جاچ ٽيم پاران احد عباسي جي قتل ۾ ملوث پوليس اھلڪار امتيار ڪلھوڙي جو ايف آءِ آر مان نالو ڪڍڻ ڪيس لوڙهڻ جي سازش آهي.

هنن الزام هنيو ته پوليس اھلڪار امتياز علي ڪلھوڙو اصل قاتل آھي، سندس نالو ڪيس مان ڪڍڻ ۽ ٻيا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ سراسر ناانصافي آهي.

شاگردن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پوليس اهلڪار جو نالو  ٻيھر ايف آءِ آر ۾ شامل ڪري ۽ سمورا جوابدار گرفتار ڪري شاگرد احد عباسي جي خون سان انصاف ڪن…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chachro: Protest by Bheel clan on third day against influential

نيوز: ڇاڇرو: ڀيل برادري جو ٽئين ڏينهن به بااثر ڀوتار جي مبنيا زيادتين خلاف احتجاج

*ڇاڇري ۾  ٽئين ڏينهن به ڀيل برادري جي ماڻهن بااثر ڀوتار جي مبنيا زيادتين خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے