25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سنڌ ڪابينا ۾ شامل اَٺ وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن حلف کڻي ورتو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صوبائي ڪابينا ۾ شامل اٺن وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن حلف کڻي ورتو آهي. سنڌ ڪابينا جي حلف برداري تقريب گورنر هائوس ۾ ٿي، جتي وقتي گورنر آغا سراج دراني صوبائي ڪابينا جي ميمبرن کان حلف ورتو. تقريب ۾ مراد علي شاهه ۽ اعليٰ سرڪاري عهديدار به موجود هئا. سنڌ ڪابينا ۾ شامل اٺن وزيرن ۽ ٻن صلاحڪارن پنهنجن عهدن جو حلف کنيو. رپورٽن موجب صوبائي وزيرن ۾ عذرا فصل پيچوهو، شهلا رضا، محمد اسماعيل راهو، هري رام، شبير بچاڻي، سردار شاهه، محبوب مخدوم ۽ سعيد غني شامل آهن، جڏهن ته صلاحڪارن ۾ مرتضيٰ وهاب ۽ محمد بخش مهر شامل آهن. حلف برداري تقريب کان اڳ بلاول هائوس ڪراچي مان جاري بيان ۾ چيو ويو ته پ پ چيئرمين وڏي وزير جي ڪابينا ۾ شامل وزيرن ۽ صلاحڪارن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ وقتي گورنر آغا سراج دراني وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي، جنهن ۾ صوبي جي مجموعي سياسي ۽ امن امان بابت صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم نيڪٽا جي ڪردار جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان نيڪٽا جي ڪردار جي جائزي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے