23 آچر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: اسماعيل ڏاهري تي غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف  احتجاج

Hyderabad: Protest against entering into illegal weapons on Ismail bin*حيدرآباد ۾ محمد اسماعيل ڏاهري تي غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.

 پ پ ڪارڪنن مير گاجوخان ملاح، ڪامريڊ امان الله ڏاهري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته دولت پورٿاڻي جي پوليس پ پ اڳواڻ اسماعيل ڏاهري خلاف غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل موڪلي ڇڏيو.

هنن چيو ته  محمد اسماعيل ڏاهري تي داخل ڪيس ڪوڙو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ ظاهر ڪيل هٿيارن جا لائسنس پڻ هن  وٽ موجود آهن جيڪي هنن عدالت ۾ پڻ جمع ڪرايا آهن.

هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته محمد اسماعيل ڏاهري تي داخل ڪيس جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي کيس آزاد ڪيو وڃي………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Dhabeji

نيوز | ڌاٻيجي : قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن ۽ سول سوسائٽي جو احتجاج

ڌاٻيجي  ۾ 5 مهينا اڳ نوشهروفيروز ۾ قتل ڪيل مڙس، زال ۽ ماءُ جي قتل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے