20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڏھرڪي: پوليس اھلڪارن کي برگر ۽ ٻيو شيون نھ ڏيڻ تي پورهيت کي ڌمڪيون

ڏھرڪي ۾ پوليس اھلڪارن کي برگر، ٽڪيون ۽  جيرا مفت نه  ڏيڻ تي پورھيت کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جو ڌمڪيون ، قانون جا رکواله نوجوان کان روڪ رقم به ڦري اڏامي ويا.

پورهيت ببلو  ٻڌايو ته پوليس اهلڪار شفيق ۽ شاھنواز روز هن  وٽ اچي ٽڪيون مفت کائي ويندا آھن

هن چيو ته رات پوليس اهلڪارن سندس گراهڪ سان منهن ماري ڪئي ڇڏائڻ تان پوليس مڇرجي کيس به تشدد جو نشانو بڻايو ۽18 سئو  رپيا به ڦري ويا.

هن چيو ته پوليس اهلڪارن  ڌمڪيون ڏنيون آهن ته هو کيس ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائيندا .

هن آءِ جي سنڌ  ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي آهي ته کيس ڌمڪيون ڏيندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے