24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |سوڀو ديرو: ڪارڪنن کي گم ڪرڻ ۽ گمبٽ جي شاگرد کي قتل خلاف احتجاج

Sobo Deroسوڀي ديري ۾ سياسي ڪارڪنن کي گم ڪرڻ ۽ گمبٽ جي شاگرد بلاول ڪوري جي قتل خلاف  ايس يو پي ، شهيد ڀٽو ۽ هيومن رائيٽس جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو .

سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن ساجد علي شاھ ، عامر چنا، محمد تقي، سفير سامٽيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته لاڙڪاڻي واسي مھتاب لاشاري آفتاب چانڊيو، عاقب چانڊيو کي  گم ڪيو ويو آھي .

هنن چيو ته جيڪڏهن  گم ڪيل ڪارڪنن تي ڪيس داخل آهي يا هو غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث آهن ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي .

هنن چيو ته نينگر بلاول ڪوري جي قاتلن کي پوليس گرفتار نه ڪري رهي آهي جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا

هنن مطالبو ڪيو ته گم ڪيل سياسي ڪارڪنن کي ترت آزاد ڪيو وڃي ۽ نينگر بلاول ڪوري جي قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے