24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز |ڊگھڙي:زرعي يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي اهلڪارن پاران تنگ ڪرڻ خلاف احتجاج

ڊگھڙي  ۾    چار ڏينهن اڳ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردياڻي کي پوليس اهلڪارن پاران تنگ ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو .

جروار برادري ۽ مختلف سياسي سماجي ڌرين جي سوين ماڻهن حسن علي جروار،ممتاز جروار،ميريونس ٽالپر ۽ ارباب نوحاڻي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻون هنيو .

اڳواڻن چيو ته هڪ غريب پورهيت ۽ معذور غلام شبير جروار جي نياڻي جنهن جي ڊگهڙي پوليس اهلڪارن رستا روڪ ڪري کيس هراسان ڪيو اهڙي عمل جي هو  سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

هنن آ ءِ جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ٿا ڪيو ته ٽنهي پوليس اهلڪارن کي ڊس مس ڪري فوري طور تي جيل روانو ڪيو وڃي ته جيئن ٻيهر ڪنهن غريب نياڻي سان اهڙو واقعو پيش نه اچي.

ڌرڻي سبب  ميرپورخاص مٺي روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون جنهن بعد ڊي ايس پي ڊگهڙي ڌرڻي واري جاءِ  تي پهچي ڳالهيون ڪري متاثرن کي  انصاف جي  خاطري ڪرائي جنهن بعد  ڌرڻون ختم ڪيو ويو،.

هي به ڏسي سگهو ٿا

FederalGOVT, Badin, MirpurMathelo

رات نائين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-24

*وفاقي حڪومت کي سڄي ملڪ ۾ رهندڙ افغان پناهگيرن جا انگ اکر وصول ٿي ويا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے