26 اربع , سيپٽمبر 2018

نيوز |مٺي: قتل ڪيل پ پ اڳواڻ چندر شرما جو اڄ اگني سنسڪار ڪيو پيو وڃي

مٺي ۾ ڪالهھ ڏينهن ڏٺي جو گوليون هڻي قتل ڪيل پ پ اڳواڻ چندر شرما جو اڄ اگني سنسڪار ڪيو ويندو، پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي مٺي پهچي ويو.

چندر شرما ايم اين اي مهيش ملاڻي جو پرسنل سيڪريٽري هو، چندر شرما جي قتل واري واقعي خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به مٺي ۽ اسلام ڪوٽ شهر سوڳ ۾ مڪمل بند پيل آهن جڏهن  ڪارڪن توڙي دوست ۽ همدرد تڏي تي پهتل آهن.

پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي چيو آهي ته چندر شرما پ پ جو اثاثو هو جنهن جي قتل جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي.

پوليس جوابدارن جي گرفتارين لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي لاش کي اگني سنسڪار ڪرڻ بعد وڌيڪ ڪجهھ ٻڌائي سگهجي ٿو.

مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ظالمن ظلم ڪيو آهي.

ياد رهي ته چندر شرما کي ڪالھه صادق فقير  چوڪ تي دڪان ٻاهران هٿياربند موٽرسائيڪل سوار گوليون هڻي قتل ڪيو هو…

هي به ڏسي سگهو ٿا

Jhol

نيوز | جهول: سوئي سدرن گئس ٽيم پاران مختلف علائقن ۾ ڇاپا، غير قانوني گئس ڪنيڪشن ڪاٽا

جهول ۾ سوئي سدرن گئس ٽيم پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي غير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے