21 جمعو , سيپٽمبر 2018

سيد مراد علي شاهه سنڌ جي وڏي وزير جي عهدي جو حلف کڻي ورتو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سيد مراد علي شاهه سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان پنهنجي عهدو جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس ۾ ٿيل تقريب ۾ سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني مراد علي شاهه کان سندس عهدي جو حلف ورتو. سنڌ جي وڏي وزير حلف برداري کان اڳ قومي تراني جي ڌُنَ وڄائي وئي. تقريب ۾ بلاول ڀٽو، خورشيد شاهه، بختاور ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر به شرڪت ڪئي. مراد علي شاهه جي حلف برداري واري تقريب ۾ ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز به شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌ جو نگران وڏو وزير فضل الرحمان به حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ ٿيو. حلف برداري واري تقريب کان اڳ مراد علي شاهه پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات به ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے