22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: ميهڙ واسي نوجوان جي پراسرار گمشدگي خلاف وارثن جو احتجاج

Hyderabad: Heritage protest against youth's mysterious disappearance*حيدرآباد ۾ ميهڙ واسي نوجوان جي پراسرار گمشدگي خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو قربان علي جي پراسرار نموني گمشدگي خلاف سندس ڀاءُ ديدار علي ۽ مامي منٺار ميربحر احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي گم ٿيل قربان جي وارثن چيو ته 14 آگسٽ جي صبح 8 وڳي قربان علي گهران موٽر سائيڪل کڻي نڪتو هو، جنهن بعد هو گم آهي.

هنن چيو ته  14هين آگسٽ کان هن وقت تائين قربان جو ڪو ڏس پتو ناهي ملي سگهيو، قربان جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان ڪو واسطو ناهي، ۽ ڪنهن سان به دشمني ناهي.

سندن چوڻ هو ته گمشدگي جي رپورٽ ميهڙ ٿاڻي تي داخل آهي پر پوليس قربان کي ڳولڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن سبب هو سخت پريشان آهن.

هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته قربان علي کي ترت آزاد ڪرائي سندن پريشاني ختم ڪن………

هي به ڏسي سگهو ٿا

Shah Mehmood Qureshi is sorry to talk about the talks by India

منجهند ٻه وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-22

ڀارت طرفان ڳالهين کان پوئتي هٽڻ تي  افسوس ٿيو آهي:شاهه محمود قريشي ڪراچي پوليس  جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے