25 بدھ , اپریل 2018

7 جون تاريخ ڳالهائي ٿي

7 جون 1931: خان عبدالغفار خان بارڊوليءَ ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته هندو وڏا ڀائر ۽ مسلمان ننڍا ڀائر آهن. وڏا ڀائر ننڍن ڀائرن جي حفاظت ڪن. ٻئي ڀائر پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪن.

7 جون 1933ع : مهان بنگالي ڪوي رابندر ناٿ ٽئگور ۽ ٻين برطانوي سرڪار کي خط لکي سياسي قيدي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
7 جون 1965ع : نورالامين مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊيو ويو.

7 جون 1977ع تي پي اين اي ۽ پ پ پ سرڪار پاران چونڊن تي راضپي واري اعلان کانپوءِ ڪراچي، حيدرآباد لاهور مان مارشل لا ختم ڪئي وئي.

7 جون 1979ع تي مفتي محمود چيو ته پي اين اي ضياءُ الحق سان سهڪار ڪندو.

7 جون 1911 تي مشهور صحافي دادا گرداس واڌاڻي جو حيدرآباد ۾ جنم ٿيو.

7 جون 2000 تي مشهور شاعر نثار بزمي پنهنجي ڳوٺ مرزاپور ۾ وفات ڪري ويو

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: سئي گيس: ڳوٺاڻن پاران بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج

*سئي گيس ويجهو ڌمڪيون ڏيڻ تي بااثرن خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  ڳوٺ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے