19 اربع , سيپٽمبر 2018

وزير اعظم عمران خان 20 رڪني ڪابينا جي ميمبرن ۽ وزارتن جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان 20 رڪني وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جي نالن ۽ سندن وزارتن جي منظوري ڏئي ڇڏي. پي ٽي آءِ جي ترجمان فواد چوڌري موجب وزير اعظم عمران خان 20 رڪني وفاقي ڪابينا جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ 15 وزير ۽ 5 صلاحڪار شامل آهن جڏهن ته وزير سومر جي ڏينهن پنهنجي عهدن جو حلف کڻندا. فواد چوڌري جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري لسٽ موجب ايم ڪيو ايم جي سينيٽر فروغ نسيم کي قانون ۽ انصاف ۽ خالد مقبول صديقي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزارت ڏني وئي آهي. ان کان سواءِ چوڌري طارق بشير چيما سيفران وارو وزير، نور الحق قادري مذهبي معاملن وارو وزير، شيرين مزاري انساني حقن جي وزير، غلام سرور خان پيٽروليم ڊويزن جو وزير، زبيده جلال دفاع پيدوار واري وزير ۽ فواد چوڌري سڌُ سماءَ وارو وزير هوندو. شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزير، خيبرپختونخواهه  جو اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ بچاءَ وارو وزير، اسد عمر ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معاملن وارو وزير، شيخ رشيد ريلوي وارو وزير، فهميده مزار بين الصوبائي رابطن واري وزير، عامر محمود ڪياني قومي هيلٿ سروس ريگوليشن اينڊ ڪوارڊينيشن جو وزير ۽ شفقت محمود کي فيڊريل ايجوڪيشن پروفيشنل ٽريننگ جي وزارت ڏني وئي آهي. ان کان سواءِ شهزاد ارباب اسٽيبلشمينٽ وارو صلاحڪار، عبدالرزاق دائود ڪارمس اينڊ انڊسٽري، ڊاڪٽر عشرت حسين ادارا جاتي اصلاحات ۽ ڪفايت شعاري، امين اسلم ماحوليات ۽ بابر اعواڻ کي پارليماني معاملن جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم عمران خان گهرو وزارت ۽ توانائي واري وزارت جو قلمدان پاڻ وٽ رکندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم ۽ صفدر کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے