24 سومر , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڪوٽڏيجي: گرفتار ماڻهن جي وارثن جو پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو

kotdiji: The arrest of the heirs of the arrested persons with a holy book against the police*ڪوٽڏيجي ۾ پوليس هٿان گرفتار ماڻهن جي وارثن پاران پوليس خلاف پاڪ ڪتاب کڻي ڌرڻو هنيو ويو.

قومي شاهراهه تي غلام فاطمه ۽ سليم گوپانگ جي اڳواڻي ۾ ٻين پوليس جي گرفتارين خلاف پاڪ ڪتاب کڻي ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو.

هنن چيو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس ڪوٽ بنگلي ۾ سرچ آپريشن ڪري سندن ٻن ڄڻن اسد ۽ الله داد گوپانگ کي ناحق گرفتار ڪيو آهي.

هنن چيو ته سندن گرفتار ٿيل ماڻهو ڪنهن به ڏوهه ملوث ناهن، پوءِ به کين گرفتار ڪيو ويو آهي.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بنا دير گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪرائن.

هوڏانهن حد جي ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي جاچ بعد ماڻهو آزاد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو…….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | حيدرآباد: چيني واپاري پاران شهر ۾ سڌي ريت واپار ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس جي صدر محمد شاهد ۽ چائنا جي صنعتڪار جانگ يانگ  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے